ڪُتا جي سنڌي معنيٰ
انسان جا اوائلي جانور دوست، گهر ۾ پاليل ھڪ قسم جا جانور، سگ، ڪلب
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dogs
ڪُتا جا بيتن ۾ حوالا
ھَلَندي ھوتَ پُنهونءَ ڏَي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون،
پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جٖي لَئي لالَڻَ لوٺِيُون،
سَڀَ سھَيلِيُون سِڪَ کي، چُنجِهيُون ۽ چوٽِيُون،
ٻانڀَڻِ ٿِي ٻوٽِيُون، تَہ ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 1 ]
پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جٖي لَئي لالَڻَ لوٺِيُون،
سَڀَ سھَيلِيُون سِڪَ کي، چُنجِهيُون ۽ چوٽِيُون،
ٻانڀَڻِ ٿِي ٻوٽِيُون، تَہ ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 1 ]
ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا، سَندا جٖي پُنهونءَ،
اَگھِين ھُوندَ اَسُونھَن، جٖي جانارَنِ يادِ پَئين.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 2 ]
اَگھِين ھُوندَ اَسُونھَن، جٖي جانارَنِ يادِ پَئين.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 2 ]
نَڪِي آھِيُون چُوھَڙا، نَڪِي آھِيُون چورَ،
ھاگاما ۽ ھورَ، ڪُتا ڪَرِيين ڪَنِ تي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 7 ]
ھاگاما ۽ ھورَ، ڪُتا ڪَرِيين ڪَنِ تي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 7 ]
جَنِي سَندو آھِين، سي جي چُونَئِي ھَڙِ،
ڪُتا قَرِيبنِ سين، دعويٰ وِجِهي مَ دَڙ،
وِڌُءِ جَنِي وَڙ، تُون ڪيئَن ڏَندَ ڏيکارين تَن کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 12 ]
ڪُتا قَرِيبنِ سين، دعويٰ وِجِهي مَ دَڙ،
وِڌُءِ جَنِي وَڙ، تُون ڪيئَن ڏَندَ ڏيکارين تَن کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 12 ]
نَہ ڪُتا نَہ ڪُوڪارَ، نَہ سي سَڏَ شِڪارِيين،
پِٽِئو کَڻي پَارَ، جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 11 ]
پِٽِئو کَڻي پَارَ، جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 11 ]
جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو رُوندو،
”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو ٿو چُوندو،
ھَڏِھِين نَہ ھُوندو، اُنِهان پوءِ عالَمَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 12 ]
”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو ٿو چُوندو،
ھَڏِھِين نَہ ھُوندو، اُنِهان پوءِ عالَمَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 12 ]
جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو روءِ،
”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو اُڀو چوءِ،
ھاڻي ھِنِھان پوءِ، لَڳِي لُوٺو نَہ ٿِيان.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 13 ]
”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو اُڀو چوءِ،
ھاڻي ھِنِھان پوءِ، لَڳِي لُوٺو نَہ ٿِيان.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 13 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪُتا ڪِيمَ بَهاءِ،
مَڙِهيءَ ۾ ماٺِ ڪَري، ويھِي تَندُ وَڄاءِ،
سامِي ساکَ سَندِياءِ، پُورَڀِ ٿِيي پَڌِرِي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 7 ]
مَڙِهيءَ ۾ ماٺِ ڪَري، ويھِي تَندُ وَڄاءِ،
سامِي ساکَ سَندِياءِ، پُورَڀِ ٿِيي پَڌِرِي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 7 ]
English Meaning
Dogs
ڪُتا ٻول جا زمرا