کاھوڙِيَنِ جي سنڌي معنيٰ
جهنگل ۾ ڏٿ ڳوليندڙن. ڪوڏر ۽ کھي وارا ڏٿ ڏوريندڙ سخت جان پورهيتن، ڏٿ تي گذران ڪندڙن، ڏٿ ڏوريندڙن، محنت ڪندڙن، اورچ اصطلاح وڏن عابدن زاهدن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Finders, who perform incantations over a snakebite, researchers, travellers, roamers, hard workers.
کاھوڙِيَنِ جا بيتن ۾ حوالا
مُنڌَ نَہ مَنجهان تَنِ، پَسِي لَڪُ لُڏَنِ جي،
جَا پَرِ کاھوڙِيَنِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 15 ]
جَا پَرِ کاھوڙِيَنِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 15 ]
کاھوڙِيَنِ کَڻِي، ساجُهرِ ٻَڌا سَندِرا،
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ڪِئائُون پاڻُ پَڻِي،
ڏُکَنِ ڏِيلُ ھَڻِي، ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 25 ]
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ڪِئائُون پاڻُ پَڻِي،
ڏُکَنِ ڏِيلُ ھَڻِي، ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 25 ]
کَڻَنِ نَہ کَرڪاڻَ، پَنڌِ پَراھين ھَلِئا،
ڏوٿِيڙا ڪَنھِن ڏُٿَ کي، جُنبِئا ڏُونھُن جابانَ،
کاھوڙِيَنِ اُھڃاڻَ، اَنگِ نَہ سَڄِي اَڳِڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 26 ]
ڏوٿِيڙا ڪَنھِن ڏُٿَ کي، جُنبِئا ڏُونھُن جابانَ،
کاھوڙِيَنِ اُھڃاڻَ، اَنگِ نَہ سَڄِي اَڳِڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 26 ]
کَرڪَڻا لاھي، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين،
اوسِيڙو آھي، کاھوڙِيَنِ اِنَهِيءَ پَنڌَ جو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 27 ]
اوسِيڙو آھي، کاھوڙِيَنِ اِنَهِيءَ پَنڌَ جو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 27 ]
وَيُون پَٻِ پَئِي، کيرُون کاھوڙِيَنِ جُون،
آئُون تَنِ ڏوٿِيَڙَنِ جو، پُڇان ڪيرُ پَھِي،
رِڃُنِ راتِ رَھِي، جَنِي ڏُونگَرَ ڏورِئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 3 ]
آئُون تَنِ ڏوٿِيَڙَنِ جو، پُڇان ڪيرُ پَھِي،
رِڃُنِ راتِ رَھِي، جَنِي ڏُونگَرَ ڏورِئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 3 ]
پارِئا پُڇِي آءُ، خَبَرَ کاھوڙِيَنِ جِي،
ڏوٿِينِ ڏُونگَرِئان، ڪَنھِن پَرِ ڏورِئو ڏُٿَ کي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 4 ]
ڏوٿِينِ ڏُونگَرِئان، ڪَنھِن پَرِ ڏورِئو ڏُٿَ کي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 4 ]
تان وَنءُ ويھِي آءُ، اَڱَڻِ کاھوڙِيَنِ جي،
جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائَي لوڪان،
ڏوٿِيَنِ ڪَنھِن ڏُکان، سُمِهي سُکُ نَہ ماڻِئو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 5 ]
جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائَي لوڪان،
ڏوٿِيَنِ ڪَنھِن ڏُکان، سُمِهي سُکُ نَہ ماڻِئو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 5 ]
ڏُٿُ گَهڻا ئِي ڪَنِ، ھِنَ اوراھين پَنڌَ جو،
سَندا کاھوڙِيَنِ، پَري سُڄَنِ پيچِرا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 7 ]
سَندا کاھوڙِيَنِ، پَري سُڄَنِ پيچِرا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 7 ]
ڏُکارو ڏُونگرُ، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين،
پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ،
ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 19 ]
پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ،
ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 19 ]
ڏُونگَرين ڏِسجَن، اَڳي رَيُون اُنِ جُون،
ڏوٿيَڙا ڏُٿَ کي، آراڙِ اَچَنِ،
خِيما کاھوڙِيَنِ، اَڄُ نَہ اُنِهين ڀيڻِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 13 ]