ڏوھَ جي سنڌي معنيٰ
گُناھ، پاپ، تَقصِير، اپراڌَ، قصور، جُرم، دوش، الزام. خطائون، ڀل، چُڪون، غلطيون، عيبَ، سُقم. عِتاب، ميارون، حرف.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sins, crimes, mistakes, blunders.
ڏوھَ جا بيتن ۾ حوالا
پَڙِهئو ٿا پَڙَهنِ، ڪَڙَھنِ ڪِينَ قُلُوبَ ۾،
تِيئَن تِيئَن ڏوھَ چَڙَهنِ، جِيئَن وَرَقَ وَرائِين وِتَراَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 15 ]
تِيئَن تِيئَن ڏوھَ چَڙَهنِ، جِيئَن وَرَقَ وَرائِين وِتَراَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 15 ]
ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي،
ڇَڪِي ڇولِيءَ ۾ گِهڙِي، جِتي جِيءَ وِڻاھَ،
ڏِسِئو ڏوھَ ڏَڪي ھِينئُون، آرَ مَٿي اَرواحُ،
جَي توھُ ٿِئي تو ڏانھَن، تَہ وِيرِ وِھِيڻو ناھِ ڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 1 ]
ڇَڪِي ڇولِيءَ ۾ گِهڙِي، جِتي جِيءَ وِڻاھَ،
ڏِسِئو ڏوھَ ڏَڪي ھِينئُون، آرَ مَٿي اَرواحُ،
جَي توھُ ٿِئي تو ڏانھَن، تَہ وِيرِ وِھِيڻو ناھِ ڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 1 ]
تَران تَہ مَران، وَران تَہ وَھُ وِتَرو،
ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا،
پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جِيئَن ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 16 ]
ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا،
پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جِيئَن ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 16 ]
ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنھِنجا ڏوھَ،
ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ،
ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن ڪَرِيندِيَسِ ڪوھَ،
اَڳِئان رائو سُڄي روھَ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 2 ]
ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ،
ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن ڪَرِيندِيَسِ ڪوھَ،
اَڳِئان رائو سُڄي روھَ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 2 ]
اُٿِي وَڃُ اَندوھَ، دوسِتَنِ دِلِاسو ڪِئو،
مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ،
جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 28 ]
مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ،
جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 28 ]
ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ وَڏِي جُوءِ،
لوڪَ نَہ آڇي اُوءِ، ڏِٺا ڏوھَ اَکِيُنِ سين.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 12 ]
لوڪَ نَہ آڇي اُوءِ، ڏِٺا ڏوھَ اَکِيُنِ سين.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 12 ]
ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ وَڏِي ذاتِ،
عَيبَ نَہ آڇي واتِ، جَي ڏِسي ڏوھَ اَکِيُنِ سين.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 13 ]
عَيبَ نَہ آڇي واتِ، جَي ڏِسي ڏوھَ اَکِيُنِ سين.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 13 ]
مَدِيني جا ڌَڻِي، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا،
خَطائُون کَڻِي، ڏِٺا ڏوھَ بَخشِيين.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 18 ]
خَطائُون کَڻِي، ڏِٺا ڏوھَ بَخشِيين.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 18 ]
ماڙِيءَ چَڙِھِي ڏِٺامِ، پَکا پَنوَھارَنِ جا،
ھِڪُ اڳيئِي سُهِڻام ٻِئو ويتَر مِينھَن اُٺانِ،
ڪِھَڙا ڏوھَ ڪِئامِ، جِيئَن ھُو مَلِيرِ آئُون ماڙِيين.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 16 ]
ھِڪُ اڳيئِي سُهِڻام ٻِئو ويتَر مِينھَن اُٺانِ،
ڪِھَڙا ڏوھَ ڪِئامِ، جِيئَن ھُو مَلِيرِ آئُون ماڙِيين.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 16 ]
English Meaning
Sins, crimes, mistakes, blunders.