ڏانَ جي سنڌي معنيٰ
دانَ، خيرات، بيکَ. انعام، بخشش، سوغات، ڏاتِ، سُوکِڙيون، ڏالِيون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Giving, presenting, offering, gift, alms, charity, donation, grant.
ڏانَ جا بيتن ۾ حوالا
ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ ڪِينَ اَچَنِ،
نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ،
خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏانَ ڏِسَنِ،
تيلاھَ مُلڪَ ڌَڻِيَنِ، مَڃِئو مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 14 ]

مَٿو ۾ کِيڪارَ، يارَ ڏانَ ڏِيندو سانءِ ٻِئا مَڱڻا،
مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ،
سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي، موٽُ مَ مَڱڻَھارَ،
لَڄِيندو ٿو لاھِيان، ڪِينِهي مَنجِهہ ڪَپارَ،
جاجِڪَ جُهونا ڳَڙَه ۾، ھَلُ تَہ ٿِيُون يارَ،
مَڇُڻ موٽِي ڪَرِيين، گِلا جِي گُفتارَ.
[ سُر سورٺ، وايون، 3 ]

راجا راتِ راضِي ٿِئو، تَنھِن ڏِنا وَڏا ڏانَ،
تَڏِھِين موٽِي ڪارِئا مَڱڻي، طَرَحَ تُنبي کي تانَ،
تَہ ڪارَڻِ رَبَ رَحمانَ، سِرُ وَڍي سُلطانَ ڏي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 20 ]

مُون وَٽِ مِيرُ مَينڌَرو، اَدِيُون اَڄُ اِيندو،
سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو،
بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 9 ]

چوٽاڻِي چوٽَ وَھي، سُڪا سانگَ ڀَري،
ڪوڏَئُون ڏانَ ڏَڏَنِ کي، سَٻَڙُ سَھجِي ڏي،
اِنَ راھَ مَٿي رُونجهي، ماڻِڪَ اُڇِلئا مِينھَن جِيئَن.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 39 ]

وَڏَڙا ڏانَ ڏِنائِين، کَنيائِين رَختُ ريزالَنِ جو،
ڏاتِيُوم ڏي ڏَڏَنِ کي، سونُ سَراھِيُون سائِين،
اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،
ڪِينَ مَنجهان ئِي ڪِي ڪَري، سو نَہ ساراھِيين سائِين،
وَتُعِز مَن تَشَآءُ وَتُذِل مَن تَشَآءُ ، آھي سَڀَ اُتائِين،
نَوازِيائِين نُطفو، مَنجهان ڪِينَ ڪِيائين،
حرفَتَ حَرِيفَنِ جِي، ڀَڃِي سَڀَ ڀَڳائِين،
حاسِدَ سَڀَ حُزنَ ۾، مُدَعِي پاڻَ مُٺائِين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 2 ]

ڪوڙيِين ڪِيرَتِئا ھُئا، ڀَتو ڀَتِين ڀانَ،
جَنِ ٿي ڳَڙَھان ٻاھَرِ ڳايو، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
ھِيءُ مَنجِهہ پيٺو مَڱِڻو، اَپَرِ سين اِحسانَ،
اَلتحِياتُ للہِ والصَلَواتُ والطيباتُ ، چَئِي ساراھيائين سُبحانَ،
جِھَڙو ڀَلو ڀانُ، تِھَڙا ڏانَ ڏِياچَ جا.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 12 ]