پِيرُ جي سنڌي معنيٰ
پھتلَ شخص. بزرگ. ولي الله. مرشد، هادي. درويش.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Saint, seer, godly man
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
پِيرُ جا بيتن ۾ حوالا
پاڻِهين جَلَّ جَلالُهُ ، پاڻِهين جانِ جَمالُ،
پاڻِهين صُورَتَ پِرِينءَ جِي، پاڻِهين حُسُنُ ڪَمالُ،
پاڻِهين پِيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻِهين پاڻَ خَيالُ،
سَڀَ سَڀوئِي حالُ، مَنجهان ئِي مَعلُومُ ٿِئو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 18 ]

ڪوھُ ڄاڻان ڪيڏاهِين، مُنھِنجو تَنُ تَڻِي تيڏاھِين،
مِيان سائِين نيڻين نِينھَڙو لَڳائي وِئَڙا،
دونھِين دوسِتَ ميھارَ جِي، ڏيئِي جِيئَن ڏِٺائِين،
ساري سُپِرِين کي، رَھبَرِ رَتُ رُنائِين،
دامَنِ تيڏِيءَ چَنگُلُ ميڏا، روزَ قِيامَتَ تائِين،
پِيرُ اَسانڏا حضرتُ مِيران، جُمِلي دِي آسَ پُڄائِين،
جيڏاھَن عالَمَ آسِرو، مُون پُڻ آھِ اوڏاھِين.
[ سُر سھڻي، وايون، 6 ]

ڀُلِيُون ڪوھُ پُڇَنِ، پَرَ پُٺِ پِيرُ پُنهونءَ جو،
لَهسِيُون ٿِيُون لُڇَنِ، ڏٺو جَنِ اَکِينِ سين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 11 ]

سَرَتِيُون سُتَڙِيُون، سارِيان پِيرُ پانِھنِجو،
جاڳو اَکَڙيُون،
لَلاڻِيءَ جي لوءَ ۾، سارِي راتِ سُيون،
توبَهَ آھي تَنِ کان، ھَٿان جي ٿِيُون،
مُون کي ڏِيين نَہ مُنھَن ۾، جي مُون ڪالَهہ ڪِيُون،
ھَنڌِ نَہ آھي ھيڪَڙي، ميمَڻَ جو ھِنيُون،
ڪوھُ ڪَرِيبو تَنِ کي، جَنِي مَنجِهہ ڪِيُون،
حُسُنُ راھُو مَنِ جو، مُنھِنجو آھِ مِيُون،
مُنھِنجا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي، ٻِئا ڪَنِ ٻِيُون،
اَرَتو اوتَڻُ سِکِيُون، عادَتَ اَکڙِيُون.
[ سُر رِپ، وايون، 2 ]

پانڌِي سو مِڙئومِ، ھادِيءَ ھَٿُ ڏِنومِ، سائِين،
سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان،
اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين ڪاڄُ ٿِئومِ،
قائِمُ جو قُلُوبَ ۾ پَسَڻُ سو پِئومِ،
جَنھِين گهورِي آھِيان، سو لائِقُ پِرِين لَڌومِ،
جَنھِين جِھَڙو ناھِ ڪو، ڏِسَڻُ سو ڏِٺومِ،
جَڏا جِياري ڪونَہ وِساري، صاحِبُ سو سَندومِ،
سَگها ۽ صِحتِئا، ڪَرِيمُ پِيرُ ڪَندومِ،
لَقا جو لَطِيفُ جو، شِفا سو ٿئومِ.
[ سُر آسا، وايون، 9 ]