پَکِي جي سنڌي معنيٰ
اڏامندڙ جيوَ، پرن ساڻ ھوا ۾ اڏامندڙ مخلوق
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A bird, nestling, a flying living object.
پَکِي جا بيتن ۾ حوالا
ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين ڀَرِ اَڏِ مَ نِجِهرو،
ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ،
مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ ۾، وِڄُون ڪَنِ وَرَنَ،
سانوَڻَ جي سَمُنَ، مَتان ڍولَ ڍِلو وَھين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 17 ]
ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ،
مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ ۾، وِڄُون ڪَنِ وَرَنَ،
سانوَڻَ جي سَمُنَ، مَتان ڍولَ ڍِلو وَھين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 17 ]
پِرھَ پَکِي آيو، ڪَربَلان ڪَھِي،
روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنھِن ھَلِي ھاڪَ ھَنئي،
ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 13 ]
روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنھِن ھَلِي ھاڪَ ھَنئي،
ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 13 ]
پِرِھَ پَکِي آيو، صُبحِ سَوارو،
روضي پاسِ رَسُولَ جي، جَنھِن ھَنيو ھاڪارو،
مانجِهيُنِ ڪِئو مارو، چَڙُھُ مِيرَ مُحَّمَدُ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 14 ]
روضي پاسِ رَسُولَ جي، جَنھِن ھَنيو ھاڪارو،
مانجِهيُنِ ڪِئو مارو، چَڙُھُ مِيرَ مُحَّمَدُ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 14 ]
پِرھَ پَکِي آيو، لُڇِئو لِيلائي،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، ايرادو آھي،
اَچِي رَسُ ڪاھي، چَڙھُ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 15 ]
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، ايرادو آھي،
اَچِي رَسُ ڪاھي، چَڙھُ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 15 ]
پِرھَ پَکِي آيو، ڪَربَلا مان ڪالَهہ،
آيو آلودو رَتَ ۾، ھئَي ھئَي مَنجهان حالَ،
گهوٽَ وَناھِيا ڪالَهہ، ٻيلِي مِيرَ حُسينَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 16 ]
آيو آلودو رَتَ ۾، ھئَي ھئَي مَنجهان حالَ،
گهوٽَ وَناھِيا ڪالَهہ، ٻيلِي مِيرَ حُسينَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 16 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڳِجُهون ڳارا ڏِينِ،
ماري اُڃَ ماندِي ڪِي، جهولا جَهڙَپِينِ،
ڦِرئو ڦيرا ڏِينِ، بُکِئا پَکِي بَرَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 18 ]
ماري اُڃَ ماندِي ڪِي، جهولا جَهڙَپِينِ،
ڦِرئو ڦيرا ڏِينِ، بُکِئا پَکِي بَرَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 18 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، ڳِجُهنِ ڪِئو ڳارو،
مَٿان اُلَھِي مُنڌَ جي، ڏيِنِ لَمِي لامارو،
مُٺِيَسِ مُون مارو، ڪَندا بُکِئا پَکِي بَرَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 19 ]
مَٿان اُلَھِي مُنڌَ جي، ڏيِنِ لَمِي لامارو،
مُٺِيَسِ مُون مارو، ڪَندا بُکِئا پَکِي بَرَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 19 ]
پِرِين جٖي پَرَديسَ ۾، تَنِ جِي ڪانگا ڪَرِ خَبَرَ،
سَڀَ مَڙاھِئان سونَ سين، پَکِي تُنھِنجا پَرَ،
گُهمِي مَٿان گهَرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينءَ کي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 8 ]
سَڀَ مَڙاھِئان سونَ سين، پَکِي تُنھِنجا پَرَ،
گُهمِي مَٿان گهَرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينءَ کي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 8 ]
مِرُون ڪِينَ وَلَنِ، پَکِي ڪَنِ نَہ پورِهيو،
جانۡ تُون ڏِيندَڙُ تَنِ، تانۡ آسَ اَسانھِين نَہ لَھي.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 4 ]
جانۡ تُون ڏِيندَڙُ تَنِ، تانۡ آسَ اَسانھِين نَہ لَھي.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 4 ]
سَدا جَنِ پَرياڻُ، پاندِيءَ پَکِي لَڏَ جو،
وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 9 ]
وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 9 ]
English Meaning
A bird, nestling, a flying living object.