پاڻا جي سنڌي معنيٰ
پاڻهي، خودبخود، خود، گڏيل، مشترڪ، پنڊ. اسان جو مصدر (ضمير)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Self, in person. adv. Also, too, even, on the contrary.
پاڻا جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِيءُ وِھائِجِ وِيءُ،
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 11 ]
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 11 ]
جٖي نَہ سُڃاڻَنِ سَچَ کي، وانءُ مَ تَنِي وَٽِ،
اَمُلَ کي اَڌَ ڪَري، پاڻا ھَڻَندا پَٽِ،
مُھِرَ تَنِي کان مَٽِ، جٖي پارَکُو پارِسَ جا.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 20 ]
اَمُلَ کي اَڌَ ڪَري، پاڻا ھَڻَندا پَٽِ،
مُھِرَ تَنِي کان مَٽِ، جٖي پارَکُو پارِسَ جا.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 20 ]
جَو تُون آھيين توکي مَڱان، آئُون ٻِئو دَرُ ڪونَہ سُڃاڻان،
اِلاھِي عِنايَتَ سين، نَوازِيين نَماڻا،
اَنڌا ڪَرِيين اَڳَ ۾، ڪوٺائِيين ڪاڻا،
اُونڌَنِ عاجِزَنِ کي، پَرووڙائِيين پاڻا،
ڪوٺِيين سي قُرِبَ سين، جي تُون دَرِ وِڪاڻا.
[ سُر سھڻي، وايون، 4 ]
اِلاھِي عِنايَتَ سين، نَوازِيين نَماڻا،
اَنڌا ڪَرِيين اَڳَ ۾، ڪوٺائِيين ڪاڻا،
اُونڌَنِ عاجِزَنِ کي، پَرووڙائِيين پاڻا،
ڪوٺِيين سي قُرِبَ سين، جي تُون دَرِ وِڪاڻا.
[ سُر سھڻي، وايون، 4 ]
مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ پاڻا،
لوھُو لِڱَنِ ناھِ ڪِي، سَنڌَ مِڙيئِي ساڻا،
دارُونءَ جا داڻا، ڏِنَمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 8 ]
لوھُو لِڱَنِ ناھِ ڪِي، سَنڌَ مِڙيئِي ساڻا،
دارُونءَ جا داڻا، ڏِنَمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 8 ]
راڻا نَہ ڄاڻان، ڪِيئَن وِڏُوھِيين وَلَها،
اَچِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَرَچِي ڏي پاڻا،
تَہ سوڍَلَ سِياڻا، ڳُجُهَہ ڳَرَھِئان ڳالِهڙِيُون.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 11 ]
اَچِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَرَچِي ڏي پاڻا،
تَہ سوڍَلَ سِياڻا، ڳُجُهَہ ڳَرَھِئان ڳالِهڙِيُون.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 11 ]
خَبَرَ ٿِئي کِلَنِ، سُڻِي ڀَؤُ نَہ ڀَڄِڻان،
چارِيءَ مَٿان چَٿَرُون، پاڻا اُڀا ڪَنِ،
لاکو مَٿان تَنِ، اَڻَ سَنڀُوڙي آيو.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 3 ]
چارِيءَ مَٿان چَٿَرُون، پاڻا اُڀا ڪَنِ،
لاکو مَٿان تَنِ، اَڻَ سَنڀُوڙي آيو.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 3 ]
پاڻا مَٿي مَڱَڻي، ڏاتَرَ ڏُکَ ڪِئا،
مُون دَرُ ڇڏِئو مَڱڻا، پِنين ڪوھُ ٻِئا،
تيلاھِين پِئاءِ، وِچِ وِلِها ڏِينھَڙا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 49 ]
مُون دَرُ ڇڏِئو مَڱڻا، پِنين ڪوھُ ٻِئا،
تيلاھِين پِئاءِ، وِچِ وِلِها ڏِينھَڙا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 49 ]
English Meaning
Self, in person. adv. Also, too, even, on the contrary.