ٻولُ جي سنڌي معنيٰ
سخن، گفتگو. قول، عھد. اَلَستَ جو پيمان. ڳالهاءُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A promise, engagement, contract.
ٻولُ جا بيتن ۾ حوالا
مُون کي ڀانئِين ڀاڄَ، ڏيرَ ڏوراڻا ھَلِئا،
اَڳِيان اُٿِي اُنَ جي، خُوبُ نَہ پَڪَمِ کاڄَ،
ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪِي ڳايَمِ ڳاڄَ،
سا مُون ھَٿان نَہ ٿِي، جيڪا رَسَمَ راڄَ،
آيَلِ آئُون اَڪاڄَ، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 13 ]
اَڳِيان اُٿِي اُنَ جي، خُوبُ نَہ پَڪَمِ کاڄَ،
ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪِي ڳايَمِ ڳاڄَ،
سا مُون ھَٿان نَہ ٿِي، جيڪا رَسَمَ راڄَ،
آيَلِ آئُون اَڪاڄَ، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 13 ]
تو جو ٻولُ ٻَروچَ، ويھِي ڪِئو وَڻِڪارِ ۾،
سوئِي پارِجِ ھوتَ، وِلِهِيءَ مُون مَعذُورِ سين.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 14 ]
سوئِي پارِجِ ھوتَ، وِلِهِيءَ مُون مَعذُورِ سين.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 14 ]
پھرِين تُون پاريجِ، پارَڻُ پوءِ پُنهونءَ تي،
ٻولُ مَ وِساريجِ، ھُو جو ڪِيَئِي ھوتَ سين.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 15 ]
ٻولُ مَ وِساريجِ، ھُو جو ڪِيَئِي ھوتَ سين.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 15 ]
English Meaning
A promise, engagement, contract.