وَڳُ جي سنڌي معنيٰ
ولر، گَلو، قطار، ٽولو، ڌڻ . ميڙ، مجموعو . وڃڻ، ڊوڙڻ. اُٺن جو گلو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A herd of cattle or camels.
وَڳُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ،
مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ،
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ،
اِيَھِين اُٺَ اُٺاءَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 9 ]
مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ،
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ،
اِيَھِين اُٺَ اُٺاءَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 9 ]
پَلاڻِئو پِئو، اولاڻِئو نَہ اُٿِيي،
جَنھِن مَيي ٿي مَڻَ کَنيا، سو رِڙَھَڻَ کان رَھِيو،
ليڙي کي لَطِيفُ چئَي، اڱَڻُ اَوکو ٿِئو،
جيڏاَنھَن وَڳُ وِئو، توءِ تَرَسي اوڏھِين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 22 ]
جَنھِن مَيي ٿي مَڻَ کَنيا، سو رِڙَھَڻَ کان رَھِيو،
ليڙي کي لَطِيفُ چئَي، اڱَڻُ اَوکو ٿِئو،
جيڏاَنھَن وَڳُ وِئو، توءِ تَرَسي اوڏھِين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 22 ]
سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين توءِ مَ لَڳُ،
جان ڪو جِيئَين ڏِينھَڙو، پُورِ اُبَتي وَڳُ،
پاءِ تيڏاھِين پَڳُ، نانھِن جيڏاھِين نِجِهرو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 43 ]
جان ڪو جِيئَين ڏِينھَڙو، پُورِ اُبَتي وَڳُ،
پاءِ تيڏاھِين پَڳُ، نانھِن جيڏاھِين نِجِهرو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 43 ]
جِيئَن جِيئَن جَهلي جَڳُ، تِيئَن تِيئَن مُون تاڪِيدُ ٿِئي،
ڳَھِلو ٿو ڳالِهيُون ڪَري، وِرسِئو ڀُڻي وَڳُ،
لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾ پُٺِيءَ لالَڻَ لَڳُ،
آرِياڻِي اورَڳُ، ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 20 ]

مَيو مَري مَ ماءِ، وَڳُ ويڳاڻُون مَ ٿِيي،
جَهِين جي اُھاءِ، چَڙَھان چِٽاڻي ڪَنڌِيين.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 25 ]
جَهِين جي اُھاءِ، چَڙَھان چِٽاڻي ڪَنڌِيين.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 25 ]
ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي چَرَھو چَکِئو،
ڪَرَھي ڪاڻيٺُون رَتِيُون، نائي ناگيلا،
وَڳُ واسِئائِين پانھِنجو، سَڀوئِي سُراھِيان،
ڪَرَھو سَرَھو ڏيھَ ۾، نَہ تَنھِن ڊَپُ نَہ ڊاءُ،
پاھُ پِرائي آيو، لالِي لُڊُڻِئان،
تُون ڍاٽِي تُون ڍَٽَ ڌَڻِي، تُون راڻو تُون راءُ،
مُومَلَ مُحتاجِيُون ڪَري، عاجِزِيُون اَڳِياءُ.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 19 ]

ڪيھَرَ ڪوڙي لَڳُ، جو ھاٿِيءَ جو ھَڏُ گُهري،
پَسي وَڏو وَڳُ، جَنبُو جِمَ جُھارِيين.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 9 ]
پَسي وَڏو وَڳُ، جَنبُو جِمَ جُھارِيين.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 9 ]
English Meaning
A herd of cattle or camels.