ويسَرا جي سنڌي معنيٰ
ويسر کاڌا، ويسريا، وسوڙل، غافل، بي خبر، وساريندڙ، ويسِلا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Forgetful.
ويسَرا جا بيتن ۾ حوالا
دَنگِيءَ ۾ داڻا، وَٺِي وِجُهہ وَکَرَ جا،
وِيرِ وِڙَھِندَيِئِي ويسَرا، ويھُ مَ ويڳاڻا،
ھِيءَ نِنڊَ نِڄاڻا، ڪَڏِھِين ھَڻَندَيِئِي تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 13 ]
وِيرِ وِڙَھِندَيِئِي ويسَرا، ويھُ مَ ويڳاڻا،
ھِيءَ نِنڊَ نِڄاڻا، ڪَڏِھِين ھَڻَندَيِئِي تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 13 ]
ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ،
توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾،
پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ،
پَتَڻُ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي، تُنھِنجَڙِي وارَ،
سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، کِيو مَنجِهہ خُمارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڪَپَرَ جِي ڪُوڪارَ،
سائِينءَ مُڪين سَچَ کي، تُون ڪُوڙو مَنجِهہ قَطارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ھَلَڻَ جِي ھاڪارَ،
تائِبَ ٿِي تَڪِڙا، پَڙهو، اِيءَ پَچارَ،
نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سُڻِجِ اَدا يارَ،
گِهڙان ٿِي ريءَ گهَڙِي، اللهَ توھارَ ،
ھِيءُ جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِھان رَکُ سَتارَ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ سَنڀارَ،
شِڪارُ تُون شَھبازَ جو، تُون تان مَنجِهہ شِڪارَ،
يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ ، جِتِ ڀَڄندا ڀارَ،
تُرَھو ڇِنَم تارِ ۾، اَچِجِ جِيئَن اوسارَ،
لَکَ مِڙيئِي لُٽِئا، ھُونھِين وِئَڙا ھَزارَ،
ڏِنَئِي جَي اللهَ کي، تَہ ھُوندَ ٿِيين پَريين پارَ،
جُوٺَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُڻِي تُنھِنجي دارَ،
جيفو آھِ حَدِيثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ،
وَٽِيُئِي ڪِينَ وِلَھَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَھارَ،
سا ڪِيئَن ھَلي تو سين، جا ڀَڳي کان ڀَتارَ،
جِيئَڻُ جالَ نَہ نِبَھي، سُڻِجِ اِيءَ سَنڀارَ،
جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتِيُنِ جِي ڀُلِڪارَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 5 ]

سُتين ڪِھَڙِي سارَ، وِڄُ کِوَندَيِئِي ويسَرا،
تو جيڏا تو يارَ، لَھَرِ لَھِوارا ڪِئا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 11 ]
تو جيڏا تو يارَ، لَھَرِ لَھِوارا ڪِئا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 11 ]
سُتين سَنجهيئِي، وِڄُ کِوَندِيَئِي ويسَرا،
وِيرَ وَرِي ويئِي، اَسارَنِ، تان اوچِتِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 12 ]
وِيرَ وَرِي ويئِي، اَسارَنِ، تان اوچِتِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 12 ]
کِڄِئا کاھوڙِي، پَسِي پورِھِيَتِ ويسَرا،
ڏوٿِيئَڙا ڏوڙِي، وِکَ وَرايو پَنڌَ جِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 14 ]
ڏوٿِيئَڙا ڏوڙِي، وِکَ وَرايو پَنڌَ جِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 14 ]
کاھوڙِي کِجَنِ، پَسِئو پورِھِيَتِ ويسَرا،
سي ڏوٿِيئَڙا ڏُورِ وِئا، رِڃُنِ جٖي رَھَنِ،
ڪا مُلِ آھي تَنِ، مُون پِريان جِي ڳالِهڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 13 ]
سي ڏوٿِيئَڙا ڏُورِ وِئا، رِڃُنِ جٖي رَھَنِ،
ڪا مُلِ آھي تَنِ، مُون پِريان جِي ڳالِهڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 13 ]
لَهِريُنِ ليکو ناھِ ڪو، ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا،
آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا،
اُٿِي اَسارا، وِيرِ وَرَندَيئِي ويسَرا.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 2 ]
آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا،
اُٿِي اَسارا، وِيرِ وَرَندَيئِي ويسَرا.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 2 ]
وِيرِ وَرَندِيَئِي ويسَرا، اُٿِي توھُ طَلَبِ،
سائِرَ ڪَنھِن سَبَبِ، ڪالَهہ نَہ وِڌُءِ ڪُنَ ۾.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 3 ]
سائِرَ ڪَنھِن سَبَبِ، ڪالَهہ نَہ وِڌُءِ ڪُنَ ۾.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 3 ]
English Meaning
Forgetful.