نَظَرُ جي سنڌي معنيٰ
نگاھ، نھار، ڏسڻي، نِرت، درشٽ، بصارت، ديد، جوت، نور، نظارو، ڏيکُ، ڏيکاءُ، لقاءُ، ديدار، درشن، سوچ، ويچار، غور.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Look, glance, sight, vision, view, care, supervision, careful thought, deliberation
نَظَرُ جا بيتن ۾ حوالا
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ،
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 1 ]
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 1 ]
ناسِيندي نَظَرُ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 2 ]
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 2 ]
ڪَچو تَہ ڪوھُ، پَڪو نَظَرُ پِرِينءَ جو،
ساھَڙُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوھُ،
جَي ڇَٽو جَي ڇوھُ، تَہ پُورِيندِيَسِ پارُ مَڻي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 12 ]
ساھَڙُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوھُ،
جَي ڇَٽو جَي ڇوھُ، تَہ پُورِيندِيَسِ پارُ مَڻي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 12 ]
تُون صاحِبَزادو سُپِرِين، آئُون نِسورو نَوڪَرُ،
بيحَد ڪَرِيان بَندَگِيُون، ھَٿَ ٻَڌِي حاضُرُ،
ڇَنِ ڇَڏِيندُسِ ڪِينَڪِي، دوسِتَ تُنھِنجو دَرُ،
مُون تان مِھرَ نَظَرُ، پِرِين لاھِ مَ پانھِنجو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 25 ]
بيحَد ڪَرِيان بَندَگِيُون، ھَٿَ ٻَڌِي حاضُرُ،
ڇَنِ ڇَڏِيندُسِ ڪِينَڪِي، دوسِتَ تُنھِنجو دَرُ،
مُون تان مِھرَ نَظَرُ، پِرِين لاھِ مَ پانھِنجو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 25 ]
نائين ڏِينھِن نيڻانِ، اوجاڳي اُجارِئا،
سَٻاجهي ٻاجَهہ ڪِي، سُڃاڻِي سيڻانِ،
جِتي نَظَرُ ناٿَ جو، اُتِي اوتارانِ،
اِھي اُھڃاڻانِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 9 ]
سَٻاجهي ٻاجَهہ ڪِي، سُڃاڻِي سيڻانِ،
جِتي نَظَرُ ناٿَ جو، اُتِي اوتارانِ،
اِھي اُھڃاڻانِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 9 ]
جِھَڙا مُنھَن مُھاڙَ، تِھَڙا پُٺِيرا سُپِرِين،
نَظَرُ ڪَري نِھارِ، تَہ سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُھان.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 31 ]
نَظَرُ ڪَري نِھارِ، تَہ سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُھان.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 31 ]
نَظَرُ نَزدِيڪونِ، آئُون سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سِينءَ،
پَسَڻَ پَري ٿِئُونِ، آئُون نالي ڳِيِڙي نِجُهران.
[ سُر آسا، مجازي مام، 14 ]
پَسَڻَ پَري ٿِئُونِ، آئُون نالي ڳِيِڙي نِجُهران.
[ سُر آسا، مجازي مام، 14 ]
نَظَرُ اَکَڙِيُنِ، وَڃِي پِئو لاکَ تي،
ڪارو ڪِينَ پَسَنِ، مِڙيوئِي ڳاڙِھو ٿِئو.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 38 ]
ڪارو ڪِينَ پَسَنِ، مِڙيوئِي ڳاڙِھو ٿِئو.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 38 ]
English Meaning
Look, glance, sight, vision, view, care, supervision, careful thought, deliberation