مِيرُ جي سنڌي معنيٰ
امير، سردار. والي. سالار. وڏو ماڻهو. هادي. رهبر، پيشوا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A chief, leader, a title give to grandees. A nobleman.
مِيرُ جا بيتن ۾ حوالا
مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾،
جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، اُتِ مُحَّمَدُ مِيرُ مَلَهَندو،
سَجِدي پَئي سُپِرِين، زارِي زورُ ڪَرِيندو،
اَحمَدُ ڪارَڻِ عاصِيينِ، اُتِ پَرمَلُ پاڪُ پِنَنَدو،
نَفسا نَفسِي سَڀَڪو ڪَري، اُتِ داتا ڏُونھِن ڊوڙَندو،
صِراطَ مَٿان سُپِرِين، اُتِ لالَڻُ لَنگهائِيندو،
مُھتُ ڏِيندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخشائيندو.
[ سُر سارنگ، وايون، 1 ]

تو تان سانگُ نَڪو، ماري مِيرُ وِڌوءِ،
ھيڏو قَھَرُ ڪِئوءِ، مَولا جا مَڱڻا،
ھادِيءَ جا مَڱڻا، توکي تَرسُ نَڪو،
آيُون جو آسَ ڪَري، مَرُ پاندِ تَنھِنجي پوءِ،
ڏِنُئِي نامَ اللهَ جي، سو سِرُ سُڳَندو ھوءِ،
جِمَ موٽائِيين مَڱِڻو، اُڀِي راڻِي خاتُونَ چوءِ.
[ سُر سورٺ، وايون، 2 ]

راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ٿِي قِيامَتَ ڪارِي،
جَنھِن ۾ مِيرُ مَينڌَرو، سا پَر نَہ مُون پاري،
ڍولي سا ڍارِي، جِيئَن مُنھُن مَٿاھُون نَہ کَڻان.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 27 ]
جَنھِن ۾ مِيرُ مَينڌَرو، سا پَر نَہ مُون پاري،
ڍولي سا ڍارِي، جِيئَن مُنھُن مَٿاھُون نَہ کَڻان.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 27 ]
مُون وَٽِ مِيرُ مَينڌَرو، اَدِيُون اَڄُ اِيندو،
سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو،
بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 9 ]
سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو،
بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 9 ]
اَلابَندِي آئِيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ،
ڪَنھِين ڪِينَ ھِمَٿِئو، ڪانَ جهَلِيندو ڪيرُ،
سُومَرِينِ سانگِ کَنِئي، ڪِئو اَبِڙي اُٺَ پيرُ،
ھو مَھائِي مِيرُ، مَستُوراتِنِ مارِئو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 10 ]
ڪَنھِين ڪِينَ ھِمَٿِئو، ڪانَ جهَلِيندو ڪيرُ،
سُومَرِينِ سانگِ کَنِئي، ڪِئو اَبِڙي اُٺَ پيرُ،
ھو مَھائِي مِيرُ، مَستُوراتِنِ مارِئو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 10 ]
مُون کي دوسِتَ حَبِيبَ جو، آسِرو آھي،
جان جان اوڏا ڪَرَھا، پُڄان تان ڪاھي،
موٽُ مُنھِنجا سُپِرِين، واڳُون وَرائي،
آھي ڪَمُ ڪَرِيمَ جو، جِيئَن لَڱا لَنگهائي،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، مُوڙَھا مِلائي،
شَفاعَتَ جا شَفيعَ جي، تَنھِن ۾ ڦيرُ ھَڏِ ناھي،
مِيرُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، جو اَڙِئا ڇُٽائي.
[ سُر بلاول، وايون، 3 ]

نَہ ڪي ڏَؤُنرا ڏيھَ ۾، سَرَتِيُون نَہ سِيرُ،
ڪوٺِيين ڪُٺِي آھِيان، ٻِئو زوراوَرُ زَنجِيرُ،
مارُو سارِئو مِيرُ، ويٺِي ڳوڙھا ڳاڙِيان.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 21 ]
ڪوٺِيين ڪُٺِي آھِيان، ٻِئو زوراوَرُ زَنجِيرُ،
مارُو سارِئو مِيرُ، ويٺِي ڳوڙھا ڳاڙِيان.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 21 ]
English Meaning
A chief, leader, a title give to grandees. A nobleman.