مَحبُوبَ جي سنڌي معنيٰ
پيار ڪندڙ، پيار وارو، لالَڻ، ساڄن، ڍولڻ، محب، پريتم، جانب، جاني، پيارو، سپرين، معشوق، دلدار، دل پسند، سينڌو، چگهہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beloved, a lover, a sweetheart.
مَحبُوبَ جا بيتن ۾ حوالا
جيڪَرَ رَوان روشَ، مَروشِي مَحبُوبَ ڏي،
مُنا گُشِي مَولِدي، ديوا پُنهون دوسَ،
چَڙِھِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پُرِ ڪَرِيندِي پوشَ،
ٿَئي گُواکا مَني گوشَ، سُڻِي مانَ سَگهِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 11 ]

مُئا مَنجِهہ مُقامَ، سِڪَنِ ٿا سَلامَ کي،
اَنگِ نَہ اوڍِين ڪَپِڙو، طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ،
اللهَ آڻِ قِيامَ، تَہ ڏِسُون مُنھُن مَحبُوبَ جو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 21 ]

تَحقِيقَ جِي ڀَرِي، مَٿي ريءَ کَڻيجِ،
ٻانھُون ٻيئِي لاھي ڏيئِي، ڪُشتِي ڪَمائيجِ،
سَنڌِنِئُون ساري ٽَنگُنِؤَن ٽاري، ڄَنگهُنِ ريءَ ڄُليجِ،
جا ھاجَ ھَٿَنِ ريءَ نَہ ٿِئي، سا ٺُونٺو ٿِي ڪَريجِ،
ھَڪَلَ حَقِيقَتَ جِي، ٻوڙو ٿِي ٻُڌيجِ،
اَنڌو ٿِي پَسِيجِ، مُشاھِدو مَحبُوبَ جو.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 16 ]

آءُ ڪانگا تو ڏِيان، چِٺِي چورائي،
سا وَڃِي ڏي مَحبُوبَ کي، لوڪان لِڪائَي،
پِرِين پَڙَهائي، مانَ سُڌِ لَھَنِ سُورَ جِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 28 ]

نيرانا ئِي نيڻَ، نيئِي آڇِ پِرِيَنِ کي،
سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جُھ ڏِٺو مُنھُن مَحبُوبَ جو.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 4 ]

ڪانگَ نيئِي ڪانگِ، مُنھِنجِي ڏي مَحبُوبَ کي،
لالَڻَ لايَئِي ڏِينھَڙا، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگِ،
اَوِھان ريءَ اَڙانگِ، ويٺِي وِرِھَ وَسايان.
[ سُر پورب، ڪانگ، 27 ]

مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ،
سَجِدَہ گاھَ سامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ،
فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، ٿا نانگا اِيئَن نَوَنِ،
اللَّهُ وَلِيُّ الَّذِينَ آمَنُوا يُخْرِجُهُم مِّنَ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ ، اِھَڙِيءَ پُرِ پُرَنِ،
وَخَرَّ مُوسَىٰ صَعِقًا جوڳِي جُنگَ جَلَنِ،
ڪُلُّ مَنْ عَلَيْـهَا فَانٍ ، باقِي ڪِينَ پَچَنِ،
مَا زَاغَ الۡبَصَرُ وَمَا طَغٰى ، اِھَڙِي رَوِشَ رَوَنِ،
مُشاھِدو مَحبُوبَ جو، اُتي آديسِيَنِ،
بِى يَسْمَعُ وَ بِى يُبْصِرُ ، بِي وِصالِ وِھَنِ،
بي يَمشِي وَ بي يَنطِقُ ، ٿا ايھِيءَ چالِ چَلَنِ،
سَيِّدُ چئَي سَندِيَنِ، تُون ڪَلَ پُڇين ٿو ڪِھَڙِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 1 ]