لُڙِڪَ جي سنڌي معنيٰ
اک مان ايندڙ نمڪين پاڻي، ڳوڙها، نِير، اَشڪ، هنج، (اک جو) آب، بوند، قطرا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tears from the eyes.
لُڙِڪَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَڪَرَ ھُونِ نَہ ھُونِ مِينھُن منجهائِين نِڪِري،
سارِيو سُپَيرِيَن کي، لُڙِڪَ لَڙِيو پُونِ،
سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 21 ]
سارِيو سُپَيرِيَن کي، لُڙِڪَ لَڙِيو پُونِ،
سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 21 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آھِيان،
لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَئي وَھايان،
ھيجان ھَنجُون حَبِ ۾، ھوتَنِ لَئي ھارِيان،
جانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنهون پَھايان،
پِيھان پَچايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 1 ]
لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَئي وَھايان،
ھيجان ھَنجُون حَبِ ۾، ھوتَنِ لَئي ھارِيان،
جانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنهون پَھايان،
پِيھان پَچايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 1 ]
آءُ لانگوٽِئا لالَ، ڪَنھِن پَرِ ڏِٺَئِي گُجَرِيُون،
آبُ اَرَتِي گاڏَئُون، لُڙِڪَ وَھائِيين لالَ،
ڏِٺِئِي جٖي جَمالَ، سي سامِي ڪوھُ نَہ سَلائِيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 15 ]
آبُ اَرَتِي گاڏَئُون، لُڙِڪَ وَھائِيين لالَ،
ڏِٺِئِي جٖي جَمالَ، سي سامِي ڪوھُ نَہ سَلائِيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 15 ]
ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري،
اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري،
ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا ڄيري،
لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪَنبي ۽ ڪيري،
نِينھُن نبيري، جِيئَن سَڙي تِيئَن سَنِرو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 7 ]

اللهَ اوٺِي آڻِيين، جٖي نِياپا نِينِ،
آئُون اُنِهين جِي آھِيان، توڙي مُون نَہ مَڃِينِ،
مَسُ مُنھِنجي ھَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي آڻينِ،
لُڙِڪَ نَہ لِکَڻُ ڏِينِ، ڪِرِئو پُونِ قَلَمَ تي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 11 ]
آئُون اُنِهين جِي آھِيان، توڙي مُون نَہ مَڃِينِ،
مَسُ مُنھِنجي ھَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي آڻينِ،
لُڙِڪَ نَہ لِکَڻُ ڏِينِ، ڪِرِئو پُونِ قَلَمَ تي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 11 ]
کاروڙِئا کَڻِي، ويڙِهِي جَهپَ وِئا،
سيڻَ مُنھِنجا سَيِّدُ چئَي، هاڻي هِتِ هُئا،
پَسِي پَڊَ اُنِ جا، لَڙِي لُڙِڪَ پِئا،
ڏيھِي ڏُورِ وِئا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 16 ]
سيڻَ مُنھِنجا سَيِّدُ چئَي، هاڻي هِتِ هُئا،
پَسِي پَڊَ اُنِ جا، لَڙِي لُڙِڪَ پِئا،
ڏيھِي ڏُورِ وِئا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 16 ]
هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي چُلها، هَي چِٽَ،
ڪي ڏينھَن هِتي جيڏِيين، ٿي سَنِها ڪِتا سُٽَ،
سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا، لُڙِڪَ وَهايَمِ لُٽَ،
هُئا وَڏِي وَسِٽَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِري.
[ سُر مارئي، ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا، 6 ]
ڪي ڏينھَن هِتي جيڏِيين، ٿي سَنِها ڪِتا سُٽَ،
سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا، لُڙِڪَ وَهايَمِ لُٽَ،
هُئا وَڏِي وَسِٽَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِري.
[ سُر مارئي، ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا، 6 ]
هَي ڀُنگا، هَي ڀيڻِيُون، هَي گامويَنِ گَسَ،
مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾، وَڏِي هُئا وَسَ،
سي هَنڌَ پَسِئو سُومَرا، لُڙِڪَ وَهَيان لَسَ،
ڏوٿِي مَٿي ڏَسَ، اُٺي وِئا اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا، 7 ]
مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾، وَڏِي هُئا وَسَ،
سي هَنڌَ پَسِئو سُومَرا، لُڙِڪَ وَهَيان لَسَ،
ڏوٿِي مَٿي ڏَسَ، اُٺي وِئا اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا، 7 ]
English Meaning
Tears from the eyes.