لوھَ جي سنڌي معنيٰ
فولاد، سخت ٺوس ڌاتُو، (تير ڪمان)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Iron, arrows, steel
لوھَ جا بيتن ۾ حوالا
عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، تِيرَ تِکا تو کي،
ساجَنَ اِنَهِيءَ سُورَ جِي، ڪَلَ نَہ آھي ڪَنھِن کي،
مارِيين ٿو مُون کي، چاڙِھِئو لوھَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 4 ]

راتِيان ڏِينھان رُوحَ ۾، ٿِي لوچان لالَڻَ لاءِ،
سِڪَ پِريان جِي سَيِّدُ چئَي، اَندَرِ مُون نَہ ماءِ،
ڪَڏِھِين قاتلان ڪَوڙا پِرِين، ڪَڏِھِين مِٺا ماکيءَ ساءِ،
ڪَڏِھِين مُڙَنِ ميڻَ جِيئَن، ڪَڏِھِين لوھَ پِہ ناھي جاءِ،
ڪَڏِھِين کَڻِنَ عَينَ اِحسانَ جا، ڪَڏِھِين ڪَھَلَ نَہ پَوينِ ڪا،
ڪَڏِھِين پِرِين پَٽائِين ڪُنئَرا، ڪَڏِھِين ڏاڍا ڏُونگَرَ کان،
عَجَبَ جِھَڙِي آھِ، صُحبَتَ سُپرِيَنِ جِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 23 ]

اُٿِي وَڃُ اَندوھَ، دوسِتَنِ دِلِاسو ڪِئو،
مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ،
جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 28 ]

کُوءِ آسُون عُمَرَڪوٽَ جُون، وَرُ جَهنگَلَ ۾ جُهوپي،
جي اَباڻَنِ اَڏِئا، ڳُڻَنِ سين ڳُوپي،
ويندِيَسِ ويڙِهيچَنِ ڏي، لوھَ ڀَڃي لُوپي،
چِڀِڙَ آئُون چُوپي، سِڪَ لاھِيندِي سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 5 ]

مَحَلين ماندِي مارُئِي، ڏِٺِيَمِ مُنھِن مَلُورَ،
اَڻَڀو سَڻَڀو نَہ ڪَري، سُونھَن وِڃايَسِ سُورَ،
پِئَسِ لوھَ لَطِيفُ چئَي، لَٿَسِ ڪوڏَ ڪَپُورَ،
چِتَ جَنِ جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نَہ ڪَندِيُون.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 7 ]

سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، مارُو مَسَ مَڃِينِ،
ڏُونگها ڏاڏي پوٽِيين، ڪَنِ ڏِنا ڪي ڏِينِ،
جَي مانۡ لوھَ لاھِين، تَہ ڪوٺِيُنِ ۾ ڪِينَ ھُئان.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 1 ]

سُڻِي ساڻيھَ ڳالِهڙِي، لَھِي وِئا لوھَ،
اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 15 ]

بَنديخانو بُڇڙو، ڪوٽَ ڪَشالو لاھِ،
اللهَ اِنَ عُمَرَ کي، مِھرَ مَنَ ۾ پاءِ،
لوھَ ھِنَ کي لاھِ، تَہ وَڃي وَطَنَ سامُھِين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 13 ]

بَندِي ٻِئا قَراَرِ، اَسِين لوچُون لوھَ ۾،
مَٿي تَنَ تَرارِ، سَدا سانبِيَڙَنِ جِي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 15 ]

حَقاڻُو ھُتِ ٿِئو، ھِيءَ ھِتِ بَندِياڻِي،
ساري ساڏويُنِ کي، ڪوٺِيَنِ ڪُوماڻِي،
لِڱين لوھَ لَطِيفُ چئَي، ويٺِيَسِ وِساڻِي،
مُنڌَ مارُوءَ جي نَہ لَھي کَپَتِ کِجاڻِي،
سَمُنَ سَچاڻِي، اُٺي آھِمِ اُنِ سين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 17 ]