لاھُوتِي جي سنڌي معنيٰ
سيلاني، لاھوت لامڪان جي خبر رکندڙ، عبادت ۾ محو يا غلطان، آديسي، الله لوڪ. سينار. سچو عاشق، بي پرواھ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One absorbed in religious devotion, a hermit.
لاھُوتِي جا بيتن ۾ حوالا
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪُڏِي پَئُہ ڪاھي،
ڇَڏِ سانگو اَرواحَ جو، لاھُوتِي لاھي،
عِشقُ نانگُ آھي، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 18 ]
ڇَڏِ سانگو اَرواحَ جو، لاھُوتِي لاھي،
عِشقُ نانگُ آھي، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 18 ]
سونَ وَرِنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون ڪَنِ،
اَگرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُورِيُون کَٽُنِ،
اوتِيائُون عَنبِيرَ جا، مَٿي تاڪَ تَڙَنِ،
ٻاٽَنِ لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، پَسَڻَ لاءِ پِرِيَنِ،
اِجهي ٿا اَچَنِ، ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 3 ]

ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا ڪَنھِن نَہ مالَ،
سوڍِيُون سِجهائي ھَلِئا، ھَئَي تَنِي جي حالَ،
جٖي ڇورِنِ ڏِنا ڇالَ، تَہ لاھُوتِي لَنگِهي وِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 16 ]
سوڍِيُون سِجهائي ھَلِئا، ھَئَي تَنِي جي حالَ،
جٖي ڇورِنِ ڏِنا ڇالَ، تَہ لاھُوتِي لَنگِهي وِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 16 ]
اِھَڙِيُون اوري ڇَڏي، وِئا لاھُوتِي لَکَ،
پايو پِٽِينِ ويٺِيُون، ڪاڪِ ڌَڃاڻِيُون ڪَکَ،
پيئِي اِيءَ پَرَکَ، تَہ سوڍِيُون سِجهائِي ھَلِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 18 ]
پايو پِٽِينِ ويٺِيُون، ڪاڪِ ڌَڃاڻِيُون ڪَکَ،
پيئِي اِيءَ پَرَکَ، تَہ سوڍِيُون سِجهائِي ھَلِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 18 ]
سِڄُ صُباحِين جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ،
اَچي ٿِي عَطُرَ جِي، مَنجهان مُگهِٽَ بُوءِ،
سا ڏيکارِيُون جُوءِ، جِئان لاھُوتِي لالُ ٿيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 14 ]
اَچي ٿِي عَطُرَ جِي، مَنجهان مُگهِٽَ بُوءِ،
سا ڏيکارِيُون جُوءِ، جِئان لاھُوتِي لالُ ٿيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 14 ]
پِئو جَنِ پَرو، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جو،
ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 1 ]
ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 1 ]
پيئِي جَنِ پَرَکَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي،
واري سي وَرَقَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 2 ]
واري سي وَرَقَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 2 ]
پيئِي جَنِ پَرُوڙَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
ڇَڏي سي ضَرُورَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 3 ]
ڇَڏي سي ضَرُورَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 3 ]
پيئِي جَنِ پَڻِي، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
ڇَڏي نِنڊَ گهَڻِي، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 4 ]
ڇَڏي نِنڊَ گهَڻِي، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 4 ]
جَنِي پيئِي بُوءِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
ڏوري سائِي جُوءِ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 5 ]
ڏوري سائِي جُوءِ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 5 ]
English Meaning
One absorbed in religious devotion, a hermit.
لاھُوتِي ٻول جا زمرا