شَھادَتَ جي سنڌي معنيٰ
خدا جي راھ ۾ جان ڏيڻ، گواھي ڏيڻ، شاھدي ڏيڻ، گواھي، ثابتي، ساک، صحيح خبر. خدا تعاليٰ جي وحدانيت ۽ رسول جو سچيءَ دل سان اقرار. خدا ۽ رسول جي برحق ھئڻ جي شاھدي.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Martyrdom, witnessing
شَھادَتَ جا بيتن ۾ حوالا
مُلِهہ مَھانگو قَطرو، سِڪَڻُ شَھادَتَ،
اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 35 ]
اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 35 ]
سَختِي شَھادَتَ جِي، مِڙيوئِي مَلارُ،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 9 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 9 ]
سَختِي شَھادَتَ جِي، مَلارُ مِڙيوئِي،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي،
ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 10 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي،
ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 10 ]
سَختِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ،
ڪي رِندَ پَروڙِينِ رازُ، قَضِيو ڪَربَلا جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 12 ]
ڪي رِندَ پَروڙِينِ رازُ، قَضِيو ڪَربَلا جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 12 ]
ڪُوفِيُنِ قَھَرُ ڪِئو، ٿِئا جَماعِتِي يَزِيدَ جا،
پَرِ ۾ پَلِيتَنِ کي، وَرَنَهُہ وَرِ پِئو،
سَڌَرُ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 4 ]
پَرِ ۾ پَلِيتَنِ کي، وَرَنَهُہ وَرِ پِئو،
سَڌَرُ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 4 ]
ڪاڪُلَ ڪُٺِي جَا، ڪَفَنُ تَنھِن ڪونَہ ٿِئو،
سا دُرُستُ ٿِي دَفَنَ ري، تَنھِن تي ٻِي نَہ ڪا،
مَنجِهہ شَھادَتَ سا، لُڏي ۽ لاڏَ ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 2 ]
سا دُرُستُ ٿِي دَفَنَ ري، تَنھِن تي ٻِي نَہ ڪا،
مَنجِهہ شَھادَتَ سا، لُڏي ۽ لاڏَ ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 2 ]
English Meaning
Martyrdom, witnessing