سَھائِي جي سنڌي معنيٰ
روشني واري. چانڊوڪي، سھائي رات.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Light, moonlight.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
سَھائِي جا بيتن ۾ حوالا
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، ڀائِي گُهرِجي ڀَلُ،
آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ،
مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ سَلُ،
ھاھُرَ ڪَندو ھَلُ، تَہ کِجايُون کَرَنِ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 1 ]
آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ،
مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ سَلُ،
ھاھُرَ ڪَندو ھَلُ، تَہ کِجايُون کَرَنِ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 1 ]
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پُورِ،
مَيا مَحبُوبَنِ جي، ھَلِي وانءُ حُضُورِ،
جي چُڻِڪَن چِتَ ۾، سي ڪِيئَن سَڄَڻَ ڏُورِ،
اللهَ لَڳِ اَسُورِ، اُتائِين ٿِي آءُ تُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 2 ]
مَيا مَحبُوبَنِ جي، ھَلِي وانءُ حُضُورِ،
جي چُڻِڪَن چِتَ ۾، سي ڪِيئَن سَڄَڻَ ڏُورِ،
اللهَ لَڳِ اَسُورِ، اُتائِين ٿِي آءُ تُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 2 ]
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پَسُ،
مَيا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
راتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 3 ]
مَيا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
راتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 3 ]
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پَٽِنِ وَڏو پَنڌُ،
ھَلَندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَھا موڙِ مَ ڪَنڌُ،
ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَڌُ، جَو پَھچائي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 4 ]
ھَلَندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَھا موڙِ مَ ڪَنڌُ،
ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَڌُ، جَو پَھچائي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 4 ]
چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، سَھائِي مُون سُورُ،
لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ،
ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 24 ]
لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ،
ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 24 ]
پَرتَوو پُنهونءَ جو، سَھائِي سِياھُ،
مُنھُن ڏيئِي مُون آيو، رَنگا رَنگِي راھُ،
پھرِين ڏِيندا پاھُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 11 ]
مُنھُن ڏيئِي مُون آيو، رَنگا رَنگِي راھُ،
پھرِين ڏِيندا پاھُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 11 ]
وَڏِي تان اِنَ واٽَ ۾، ٻيلَپَ ٻِيائِي،
آھي اُونداھِيءَ جو، شِرڪُ سَھائِي،
چِٽِي چِٽائِي، اَلِفَ جي عَينَڪَ ۾.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 23 ]
آھي اُونداھِيءَ جو، شِرڪُ سَھائِي،
چِٽِي چِٽائِي، اَلِفَ جي عَينَڪَ ۾.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 23 ]
English Meaning
Light, moonlight.