ساءِ جي سنڌي معنيٰ
واسطي، جي لاءِ، جي ڪري، ڪاڻ. (سانگي)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
For, on account of.
ساءِ جا بيتن ۾ حوالا
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ ساءِ،
ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 9 ]
ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 9 ]
آڻي اُتَرَ واءِ، موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا،
مَتارا تَنھِن ساءِ، اَچَنِ سِرَ سَنباھِيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 15 ]

ھُنَ تاري ھُنَ جاءِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ ساءِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 10 ]

مِٺيُون لَھِي مُھان، جَي تو چانگا چِنِيُون،
وَلَڙِيُون وِھَ ساءِ، اَڃا پوءِ مُھَندِيُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 42 ]

آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون،
جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا،
ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُرُ جَنھِن سُھاءِ،
ڪانِهي حَدَ حَمدَ جِي، تَہ ڪَرِيان لالَنَ لاءِ،
ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتِريُون، وَڏِيُون وَڏاياءِ،
سو مُونھان مُورِ نَہ سَپَجي، جيڪِي تو جُڳاَءِ،
تو سَڃِيُون تو سَندِيُون، سِڪَنِ تَوِھِين ساءِ،
اُڃَ تُنھِنجِيءَ اُڃِيُون، لُڇَنِ توئِي لاءِ،
دِلِ دانھُنِ ري نَہ رَھي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 18 ]

ڪوھِيارِي جِي ڪا ماريندِيَمِ ماءَ، جا مَنَ اَندَرِ ڳالِهڙِي،
چَڙھان ڏاڍِين ڏُونگَرين، سُپيرِيان جي ساءِ،
ھوتَ ھَلَنِ آئُون وِھان، تان ڪا اِيءَ جُڳاءِ،
نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، ھاڙهو ھوتَنِ لاءِ،
پانڌِيئَڙا پيرَ ڀَري، پِريان کي پَھچاءِ،
مَولا مُون کي ميڙيين، سَندِيءَ جانِبَ جاءِ،
سَسُئِيءَ جي سِڙيءَ کي، اوڏاھِين اُٺاءِ،
پيراندِيءَ پُنهونءَ جي، مُنھِنجو لوڙُه لَٽاءِ.
[ سُر حسيني، وايون، 31 ]

جانِبَ اِيئَن نَہ جُڳاءِ، جِيئَن مارِئو موٽِئو نَہ پُڇين،
رَتِي رَتُ نَہ سِنجِري، سِڪَ تُنھِنجي ساءِ،
اَسان تَوِھِين لاءِ، ٿِي پَرِ ۾ پُوڄائُون ڪِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 2 ]

راتِيان ڏِينھان رُوحَ ۾، ٿِي لوچان لالَڻَ لاءِ،
سِڪَ پِريان جِي سَيِّدُ چئَي، اَندَرِ مُون نَہ ماءِ،
ڪَڏِھِين قاتلان ڪَوڙا پِرِين، ڪَڏِھِين مِٺا ماکيءَ ساءِ،
ڪَڏِھِين مُڙَنِ ميڻَ جِيئَن، ڪَڏِھِين لوھَ پِہ ناھي جاءِ،
ڪَڏِھِين کَڻِنَ عَينَ اِحسانَ جا، ڪَڏِھِين ڪَھَلَ نَہ پَوينِ ڪا،
ڪَڏِھِين پِرِين پَٽائِين ڪُنئَرا، ڪَڏِھِين ڏاڍا ڏُونگَرَ کان،
عَجَبَ جِھَڙِي آھِ، صُحبَتَ سُپرِيَنِ جِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 23 ]

جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِي ڏٺو جاءِ،
تَهِين سَندي ساءِ، سَدا ڀُڻُون سَنِرا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 20 ]

جَنِي ھيڪَلِي ڀيرِئو، تَنِي ميڙِئو ماءِ،
تَندُ اِھَڙِي ساءِ، مُون آتَڻِ ھَڏِ نَہ اُڄَهي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 2 ]