رَکِجِ جي سنڌي معنيٰ
رکُ، سنڀالج، سنڀالجو، سانڍيو، ڌاريو، ڌارجُ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To put
رَکِجِ جا بيتن ۾ حوالا
ھارِيۡ رَکِجِ حَقُ، سانڀارا ساھَڙَ جو،
خُوابَ، خِيالَ، خَطِرا، ٽِنِهي ڏيجِ تَرَڪُ،
ڪَري غَيرُ غَرَقُ، ويجهو ٿِيءُ وِصالَ کي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 14 ]

ٻَرِي تَہ ٻارِ، ڦُوڪِ تَہ لَڳي اَنبَرين،
ھِتي جي ھُوئَڻَ جُون، وَٿُون سَڀَ وِسارِ،
سَمُورِي سَرڪارِ، نيئِي رَکِجِ نانھِ ۾.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 26 ]

ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، ڦِڪِي ڀانئِجِ ڦانگَ،
ساري سَناسِيَنِ جِيئَن، لائِقُ رَکِجِ لانگَ،
تَہ چاريئِي چُنِيءَ پاندَ، اوسا ڳِنهِي اُڪَرين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 5 ]

کارا کَٻَڙَ ڏيھَ ۾، ٻِئا وارِيءَ مَنجِهہ وَٿاڻَ،
سانگِيَڙَنِ سَيِّدُ چئَي، ڀَرِئو ڏِينِ ڀاڻَ،
عُمَرَ اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِجِ سُومَرا.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 13 ]

پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، جوڳِي رَکِجِ جوڳُ،
خادِمَ خَلَقَ جِيئَن ڪَرِيين، اِيءُ راوَلَ وِڌو روڳُ،
ڀَڳَنِ ڪونِهي ڀوڳُ، نانگا وَڃَنِ نِڱِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 17 ]