روزُ جي سنڌي معنيٰ
ڏينھن، يوم، وارُ، تِٿِ، ڏِهاڙو، تاريخ. سَمون، وقت، زمانو، عرصو، ٽائيم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A day, daily.
روزُ جا بيتن ۾ حوالا
وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا،
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ،
ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 16 ]
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ،
ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 16 ]
چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرائي سامُھان،
ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ،
ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي ٿيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 25 ]
ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ،
ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي ٿيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 25 ]
ھِيءَ ڀَرِ ھِيءُ ھَنڌوسِ، ڪَوڙو ٿِيُسِ قَرِيبَ ري،
روزُ ڏِھاڙِي راتِ کي، مَٿي پارَ پَنڌوسِ،
عِشقَ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نَڪو سِڪَ سَنڌوسِ،
ساھَڙَ ساھُ نِڌوسِ، نِيَرُ پائي نِينھَن جو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 3 ]
روزُ ڏِھاڙِي راتِ کي، مَٿي پارَ پَنڌوسِ،
عِشقَ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نَڪو سِڪَ سَنڌوسِ،
ساھَڙَ ساھُ نِڌوسِ، نِيَرُ پائي نِينھَن جو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 3 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتي ڪوھَنِ ۾ ڪارِي،
سُڄي ٿِي سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان اَنڌارِي،
روزُ تَپي وارِي، ڪارُونڀارَ ڪافَنِ جِي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 12 ]
سُڄي ٿِي سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان اَنڌارِي،
روزُ تَپي وارِي، ڪارُونڀارَ ڪافَنِ جِي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 12 ]
اَدِيُون وِئا اُڪِرِي، ڏيئِي تَنگَنِ تاڻَ،
جيڏو جَتَ جُوانَ، ڪِئو روزُ ضَعيفِ سين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 14 ]
جيڏو جَتَ جُوانَ، ڪِئو روزُ ضَعيفِ سين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 14 ]
لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِينءَ، ڪُلِي نَومُ ڪِئاءِ،
قُم ٿِي پَھچُ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نَہ جُڳاءِ،
مُٺِي مَھمانَنِ سين، روئِي راتِ وِھاءِ،
جيلا نِنڊَ ڪِياءِ، تي روزُ رَھين ٿِي راھَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 2 ]
قُم ٿِي پَھچُ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نَہ جُڳاءِ،
مُٺِي مَھمانَنِ سين، روئِي راتِ وِھاءِ،
جيلا نِنڊَ ڪِياءِ، تي روزُ رَھين ٿِي راھَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 2 ]
پُورِيُون پِرِين پَسَنِ، اُپَٽِيان تَہ اَنڌِيُون،
وَڃِئو روزُ رَسَنِ، حَبيباڻي حُجري.
[ سُر آسا، مجازي مام، 2 ]
وَڃِئو روزُ رَسَنِ، حَبيباڻي حُجري.
[ سُر آسا، مجازي مام، 2 ]
جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ڪاھِينِ مالَ،
اُٿِئو روزُ رَسُولَ کي، سانگِي ڪَنِ سُوالَ،
ھِهَڙا جَنِي حالَ، تَنِ سان سَڱ ڪَرِين ٿو سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 22 ]
اُٿِئو روزُ رَسُولَ کي، سانگِي ڪَنِ سُوالَ،
ھِهَڙا جَنِي حالَ، تَنِ سان سَڱ ڪَرِين ٿو سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 22 ]
ويڙِهِيچَنِ کي ٿِي واجهايان، ڀَلا ڄامَ،
مان نَڪو، ميڙائي جو مِينھُن وَسي،
عُمَرَ اُنَهِيءَ ڏيھَ جو، پانڌي روزُ پُڇايان،
مَٿي ڏِنِيَمِ مارُوئين، سا لوئِي ڪِيئَن لَڄايان،
ميندِي مارُوءَ ڄامَ جي، لالَ هَٿَنِ کي لايان،
ويٺِي عُمَرَڪوٽَ ۾، ڳُڻَ مارُنِ جا ڳايان.
[ سُر مارئي، وايون، 21 ]

زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ سَندامِ،
بَندَ ۾ بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ،
عُمَرَ اَباَڻَنِ کي، ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ،
ويڙِهيچا وُجُودَ مان، ڪَنھِن ويلَ نَہ وِسَرِئامِ،
پانڌِي روزُ پُڇِئامِ، اُڀي اَباڻَنِ جا.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 7 ]