دانَ جي سنڌي معنيٰ
ڏاڻ (ڏيڻ مان لفظ نڪري ٿو)، ڏن، بخشش، خيرات، بيکَ، بِکيا، پُن، پُڃ، عطا. عَطيا، اِمدادون، اِنعام، تُحفا. نَذرانا، سوکڙيون، سوغاتون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Gifts, grants, charity, alms. Donations.
دانَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]

جيڏِيُون آئُون تان نَہ چَوَندِي لو، ڏُکُ ڏوراپو سيڻَنِ جي صَريِحُ،
سَڱا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ،
ڀينَرُ ڀِيڻِي حُجَ جِي، ڪوھِيارِي سين ڪا نَہ،
سو تُون صاحِبُ آھِين، جو نَہ ڀيرائِيين ڀانَ،
سُوالِي سَمَگِئا، داتا ڏيئِي دانَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 19 ]

ٻِيجَلَ کي ٻِيءَ راتِ ۾، سَڏايو سُلطانَ،
تَہ اَڳي ڪو نَہ آيو، ڪو ڀيرِ تُنھِنجي ڀانَ،
جانِئان جِيءُ جُدا ڪِئو، طَرَحَ تُنبَي جي تانَ،
مُون وَٽِ مالَ مَتاعَ جي، ڪَمِي آھي ڪانَہ،
رُوحَ رُچَندا مَڱڻا، تو دَسِ ڏِيان دانَ،
مِيان مِھرِبانَ، چوري تَندُ چَئيجِ ڪِي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 2 ]

چارَڻَ چوٿِينءَ راتِ ۾، آءُ نِچُ آھِين جِيءُ،
تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ،
دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا، وَٺِي راضِي ٿِيءُ،
ھِينئَرَ اَٿِئِي ھِيءُ، صُبحِ سَوايو ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 4 ]

پَلٽِئو پَنجِينءَ رَتِ ۾، رُپو سونُ سَبِيلَ،
پَلَنگَ پَٿِراڻِيُون پالِڪِيُون، نَوَ لَکَ ناڻي نِيلَ،
داتا وَٺان نَہ دانَ ۾، وَنءُ ڦيرائي فِيلَ،
آکِئُمِ جو اَصِيلَ، سو سِرُ ڏي تَہ سُرَھو ٿِيين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 5 ]

سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، ڪوسِي سَھان ڪانَہ،
اَمُنُ ڏيجِ اَمانَ تُون، دُورِ ڪَري ٻِئا دانَ،
پانڊَپَ کائِي پانُ، وِجِهجِ پِڪَ پينارَ تي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 2 ]