دانھَڙِي جي سنڌي معنيٰ
سَڏُ، پُڪار، ڪُوڪارَ، فرياد، نالش، آھَ، شڪايت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Complaint, vow, cry, appeal.
دانھَڙِي جا بيتن ۾ حوالا
تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي جيڏِيُون،
ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانھَڙِي،
ڦِڪِيُون ڏيئِي ڦَڪِيُون، ويڄَنِ آئُون وِرچائِي،
حُسُنَ ھوتَ حَبِيبَ جي، لالِيءَ آئُون لُڇائِي،
صُحبَتَ سُپرِيَنِ جِي، مِٺِي آھِ مِٺائِي،
اُلُفَتَ ڪَرِ مَ اُنَ سين، قُرِبَ جا ڪَڙائِي،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ سين، وَحدَتَ وَٽَ وِرھائِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 12 ]

جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي ڀَرِ رَهَنِ،
مارُو مَنجِهہ ٿَرَنِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 1 ]
مارُو مَنجِهہ ٿَرَنِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 1 ]
جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي سَندِيءَ ڌِيرَ،
مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 2 ]
مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 2 ]
پُورَڀَ مارِياسِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانھَڙِي،
مَتِيُون ڏِيندي لوڪَ کي، چَرِي پاڻَ ٿِياسِ،
جَنِي نَہ جيھِياس، مان لَنئُن لَڳِي تَنِ سين.
[ سُر پورب، جوڳي، 1 ]
مَتِيُون ڏِيندي لوڪَ کي، چَرِي پاڻَ ٿِياسِ،
جَنِي نَہ جيھِياس، مان لَنئُن لَڳِي تَنِ سين.
[ سُر پورب، جوڳي، 1 ]
English Meaning
Complaint, vow, cry, appeal.