خِيما جي سنڌي معنيٰ
تنبو، وڏو تنبو، کيمو، شاميانو، سائِبان. ڪپڙي جو ٺهيل گهَرُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tents, temporary shelters
خِيما جا بيتن ۾ حوالا
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،
جهيڙو يَزِيدَ سامُهُون، جُنبِي جوڙِيائُون،
مُنھُن نَہ موڙِيائُون ، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 5 ]
جهيڙو يَزِيدَ سامُهُون، جُنبِي جوڙِيائُون،
مُنھُن نَہ موڙِيائُون ، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 5 ]
واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ،
ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ،
جُهڙَ وَرائي جهورِيءَ جَهلِئا، طَرف سَندي تَقدِيرَ،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،
جيڪا تقدِيرَ رَبَ جِي لِکئو لوڙِيائُون،
فَرزَندَ عَلِيءَ جا دادُلا، مُون ٿي ڪوڏِ نِپايا،
بِيبيءَ بَتُولَ جَنَتَ خاتُونَ، پَارَ ڪَڍِي ڳِرَ لايا،
فَرزَندَ عَلِي جا دادُلا، چَيو بِيبِيءَ بَتُولَتا،
خُونُ ڇِڪِيندِيَسِ اَوَھان جو، جانِي ڏِينھَن قِيامَتا،
پَسِي سَختِي مِيرَ حُسينَ جِي، رُنُو نَبِيَنِ زارو زارِ،
مَلَکَ فَلَکَ ڌَرَتِي ڌُٻِي، آئِي عَرشَ مَٿان اُڇِنگارَ.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 7 ]

سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما کَنيا کَنگهارَ،
نَڪو راڳُ نَہ رُوپُ ڪو، نَہ ڪا تَندُ تَنوارَ،
مَٿو مَڱڻَھارَ، ڏِنو سِرُ ڏاتارَ کي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 18 ]
نَڪو راڳُ نَہ رُوپُ ڪو، نَہ ڪا تَندُ تَنوارَ،
مَٿو مَڱڻَھارَ، ڏِنو سِرُ ڏاتارَ کي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 18 ]
ڏُونگَرين ڏِسجَن، اَڳي رَيُون اُنِ جُون،
ڏوٿيَڙا ڏُٿَ کي، آراڙِ اَچَنِ،
خِيما کاھوڙِيَنِ، اَڄُ نَہ اُنِهين ڀيڻِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 13 ]
ڏوٿيَڙا ڏُٿَ کي، آراڙِ اَچَنِ،
خِيما کاھوڙِيَنِ، اَڄُ نَہ اُنِهين ڀيڻِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 13 ]
خِيما جَنِ کَڻِي، مَٿي پُورَڀَ مَنڊِئا،
آيَلِ تَنِ آديسِيَنِ کي، پَسِئو ٿِيان پَڻِي،
جِيءَ ۾ جَڙَ ھَڻِي، نانگا وِئا نِڪِرِي.
[ سُر پورب، جوڳي، 6 ]
آيَلِ تَنِ آديسِيَنِ کي، پَسِئو ٿِيان پَڻِي،
جِيءَ ۾ جَڙَ ھَڻِي، نانگا وِئا نِڪِرِي.
[ سُر پورب، جوڳي، 6 ]
سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما ھَنيا کَنگهارَ،
ٿِئو راڳُ رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ،
ڍَٽِ پَٽِ پيئِي پَچارَ، تَہ راجا راتِ راضِي ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 19 ]
ٿِئو راڳُ رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ،
ڍَٽِ پَٽِ پيئِي پَچارَ، تَہ راجا راتِ راضِي ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 19 ]
English Meaning
Tents, temporary shelters