جيھا جي سنڌي معنيٰ
جھڙا، جيان وغيرہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
likewise, same, as
جيھا جا بيتن ۾ حوالا
جيھا تان نَہ تيھا، نيڻَ پِريان جا نائُڪُون،
ڪوڙيِين ڪُٺا ڪيتِرا، اِلماسَ جيھا،
پَسِي پَرِ اِھا، عَجَبُ ٿِئو اَجَلَ کي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 7 ]
ڪوڙيِين ڪُٺا ڪيتِرا، اِلماسَ جيھا،
پَسِي پَرِ اِھا، عَجَبُ ٿِئو اَجَلَ کي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 7 ]
يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏِيُون! آئُون مارِي،
دَرِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ،
جاٿَي ڪاٿَي مَحبُوبَنِ جِي، آھِ حُسُنَ جِي هاڪَ،
سُرمو سَھِي ڪَرِ اَکِيُنِ جو، خاصُ پِريان جِي خاڪَ،
عَبدِالْلَطِيفُ چي، پِرِين اَسان جو هَميشه حُسناڪَ،
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 11 ]

ٻَڙِي مادَرِ ماءُ، مُون ۾ بِرِھُ بَلوچَ جو،
مُون کي لَڳَڙو ڪانُ شِتابا،
ٻَرِيَمِ ٻاروچَنِ جا، ڏُونگَرَ مَنجِهہ ڏِيا،
ڏُکوُن بُکُون ڏاکِڙا، ڪارَڻِ جَنِ مُون ڪِئا،
سُورَ نَہ سانڍَڻُ سُٿِرا، جيھا جٖي تيھا،
پُنهون مُنھِنجو پاڻَ سين، وَٺِيءَ وَرُ وِئا،
پاتَمِ ھوتَ پُنهونءَ لاءِ، لَڪَنِ مَنجِهہ لِيا،
اُنِ جا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اَچي پُورَ پِئا.
[ سُر ديسي، وايون، 13 ]

مِيان مَينڌَرا تو جيھا ھُئا، مُون سين پُرسَنِ پَنجَ ھَزارَ،
ھِڪِيُون کاڻِيُون خَزانَنِ جُون، ٻِئا موتِي مَڻِيارَ،
قِصو ڪَھَندا وَڃَنِ ڪاڪِ جو، ٻِي پُرِسَنِ ناھِ پَچارَ،
سَڀَ مارايو يارَ، موٽِئو وَڃان مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 5 ]

ڍولَڻَ دا مَينُون، سَلُوڻي دا مَينُون، اَوڳُڻَ بِيَ ڳُڻَنِ جيھا،
آپُ نَہ آوي لِکُدا جونَھِين، نَڪو سارَ سَنِيھا،
آئُون لِکَندِي ڪيتِرا، اُنِ جا پارَ ايھا،
سَرَه ٿِيندِي سَسُئِي، ڪُٺَلَ کي ڪوھَ ڪيھا.
[ سُر رامڪلي، وايون، 16 ]

مُورَکَ مامَ نَہ ٻُجِهڻا، آڪا جيھا اَڪَ،
پَڪا جي نَہ سُپَڪَ، مَ ڪَرِ ميڙو تَنِ سين.
[ سُر آسا، مجازي مام، 16 ]

جيھا جٖي تيھا، مُون مارُو مَڃِئا،
مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، چُونڊِينِ موڪَ مِھا،
مُنھِنجِي آهَ اِها، ڪيرائِيندِي ڪوٽَ کي.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 5 ]