جانۡ جي سنڌي معنيٰ
جنھن وقت، جنھن مھل. جيستائين، جيڪڏهن، جڏهن، جَي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
When, at such time as. So long as, while.
جانۡ جا بيتن ۾ حوالا
جانۡ جانۡ ناھِ ضَرُورُ، تانۡ تانۡ ناھِ طَبِيبُ ڪو،
جُسي سَرِئو سُورُ، تَہ ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 2 ]
جُسي سَرِئو سُورُ، تَہ ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 2 ]
جانۡ جانۡ ھُئِي جِيئَرِي، وِرِچِي نَہ ويٺِي،
وَڃِي ڀُونءِ پيٺِي، سِڪَندِي کي سَڄَڻين.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 9 ]
وَڃِي ڀُونءِ پيٺِي، سِڪَندِي کي سَڄَڻين.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 9 ]
جانۡ جانۡ ھُئِي جِيئَرِي، ويٺِي نَہ ويساندِ،
ويئِي لَھِرِيين پاندِ، مُيائِي ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 10 ]
ويئِي لَھِرِيين پاندِ، مُيائِي ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 10 ]
ڪانڌَ ڪَلاڙين ڪَپَڙين، وَرَ وَناھِيو آءُ،
جِتِ سانگُنِ جِي سَٽِ وَھي، وِکَ وَڌندِي پاءِ،
جانۡ جانۡ نُوڌين نَہ چَڙِهين، تانۡ تانۡ ڀَؤُ مَ لاھِ،
مَڇُڻ تو پُئان، ڪَچو ڪَنِم جيڏِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 10 ]
جِتِ سانگُنِ جِي سَٽِ وَھي، وِکَ وَڌندِي پاءِ،
جانۡ جانۡ نُوڌين نَہ چَڙِهين، تانۡ تانۡ ڀَؤُ مَ لاھِ،
مَڇُڻ تو پُئان، ڪَچو ڪَنِم جيڏِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 10 ]
پيھِي جانۡ پاڻَ ۾، ڪِيَمِ رُوحَ رِھاڻِ،
نَڪو ڏُونگَرَ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا ڪيچِنِ ڪاڻِ،
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِ، جانۡ سَسُئِي تان سُورَ ھُئا.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 2 ]
نَڪو ڏُونگَرَ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا ڪيچِنِ ڪاڻِ،
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِ، جانۡ سَسُئِي تان سُورَ ھُئا.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 2 ]
ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، سِرِجِ ساھِ پَساھَ،
ھوتُ گَڏُبِئِي حَبِ ۾، رَھبَرُ مَٿي راھَ،
جانۡ جانۡ ساڻُئِي ساھُ، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 15 ]
ھوتُ گَڏُبِئِي حَبِ ۾، رَھبَرُ مَٿي راھَ،
جانۡ جانۡ ساڻُئِي ساھُ، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 15 ]
تانۡ تانۡ ڪَرَھَلُ ڪاھِ، جانۡ جانۡ آھي سوجِهرو،
مَتان ٿِئي اُونداھِ، پيرُ نَہ لَھين پِرِينءَ جو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 18 ]
مَتان ٿِئي اُونداھِ، پيرُ نَہ لَھين پِرِينءَ جو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 18 ]
جانۡ جانۡ ناھِ نَصِيبَ ۾، مُومَلَ مَينڌَرو،
پُوندوءِ جِمَ پانھِين وَرين، مَنجهان پِرتِ پَرو،
راڻي لَئي مَ رو، ويھُ طَعني سين واڳِجِي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 19 ]
پُوندوءِ جِمَ پانھِين وَرين، مَنجهان پِرتِ پَرو،
راڻي لَئي مَ رو، ويھُ طَعني سين واڳِجِي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 19 ]
جَنھِن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِئا، جانۡ جانۡ سو نَہ پَسَنِ،
تانۡ تانۡ سَناسِيَنِ، وِرِھَ وِھامي راتِڙِي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 15 ]
تانۡ تانۡ سَناسِيَنِ، وِرِھَ وِھامي راتِڙِي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 15 ]
ڏورِ مَ ريءَ ڏيِيي، ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو،
تانۡ تانۡ ھوئِجِ حُجري، جانۡ جانۡ جارُ جِيي،
جَڏھِن پاسي پاڻُ ٿِيي، تَڏِھِين ڇَڏِجِ تَڪِيو.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 5 ]
تانۡ تانۡ ھوئِجِ حُجري، جانۡ جانۡ جارُ جِيي،
جَڏھِن پاسي پاڻُ ٿِيي، تَڏِھِين ڇَڏِجِ تَڪِيو.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 5 ]
English Meaning
When, at such time as. So long as, while.