تُنھِنجا جي سنڌي معنيٰ
تو وارا، تون وارا، ضمير واري اضافي صورت
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Your, yours, of your
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
تُنھِنجا جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڙِين ڪايائُون، تُنھِنجِيُون لِکَنِ لَکَ ھَزارَ،
جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ،
پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 24 ]
جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ،
پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 24 ]
ڀَلو ڀَلو ٻانڊَ، لُڙِھين لَهِرِنِ وِچَ ۾،
ڪِٿي تُنھِنجِيُون پاڙوُن، ڪِٿي تُنھِنجا پاندَ،
ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ آڻيِ وِڌُءِ آرَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 31 ]
ڪِٿي تُنھِنجِيُون پاڙوُن، ڪِٿي تُنھِنجا پاندَ،
ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ آڻيِ وِڌُءِ آرَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 31 ]
ڪُوفِيُنِ خَطُ لِکِئو، وِچِ وِجِهي اللهُ،
اَسِين تائِبُ تُنھِنجا، تُون اَسانجو شاھُ،
ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، تَہ تَختُ تابِيني تُنھِنجي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 5 ]
اَسِين تائِبُ تُنھِنجا، تُون اَسانجو شاھُ،
ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، تَہ تَختُ تابِيني تُنھِنجي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 5 ]
وارَو وَڃَنِ ٿا، سيڻَ تُنھِنجا سَسُئِي،
ھِھَڙا ٻاروچا، ڪِينَ لَھَنديِنءَ ڪي ٻِئا.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 18 ]
ھِھَڙا ٻاروچا، ڪِينَ لَھَنديِنءَ ڪي ٻِئا.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 18 ]
آءُ تَہ پَرچُون پاڻَ ۾، رُسِي رَنڊِ مَ راتِ،
اَسِين تائِبَ تُنھِنجا، تُون زوراوَرِ ذاتِ،
سَڄَڻَ گَهڙِي ساعَتَ، اورِ تَہ ٺَرَنِ اَکِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 17 ]
اَسِين تائِبَ تُنھِنجا، تُون زوراوَرِ ذاتِ،
سَڄَڻَ گَهڙِي ساعَتَ، اورِ تَہ ٺَرَنِ اَکِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 17 ]
مَينڌَرا مُون کي، راڻا جِمَ وِساري ڇَڏِيين،
مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھُ مِڙيوئِي ڏي،
راڻِي تي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين کِلِئُمِ جَي.
[ سُر راڻو، وايون، 6 ]
مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھُ مِڙيوئِي ڏي،
راڻِي تي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين کِلِئُمِ جَي.
[ سُر راڻو، وايون، 6 ]
پِرِين جٖي پَرَديسَ ۾، تَنِ جِي ڪانگا ڪَرِ خَبَرَ،
سَڀَ مَڙاھِئان سونَ سين، پَکِي تُنھِنجا پَرَ،
گُهمِي مَٿان گهَرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينءَ کي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 8 ]
سَڀَ مَڙاھِئان سونَ سين، پَکِي تُنھِنجا پَرَ،
گُهمِي مَٿان گهَرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينءَ کي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 8 ]
وَڳَرَ وِئا وَھِي، ڪالَهہ تُنھِنجا ڪُونجَڙِي،
ڪَندِينءَ ڪوھُ رَھِي، سَرَ ۾ سُپَيرِيَن ري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 4 ]
ڪَندِينءَ ڪوھُ رَھِي، سَرَ ۾ سُپَيرِيَن ري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 4 ]
English Meaning
Your, yours, of your