اَڳِيان جي سنڌي معنيٰ
اڳ ۾، سامهون، مھندان. مقابل، آڏو، روبرو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In front of, in presence of, before, than, in comparison with.
اَڳِيان جا بيتن ۾ حوالا
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ جو سانگُ مَ ڪَرِ،
لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي، دوسِتَنِ اَڳِيان ڌَرِ،
عِشقُ نانگُ اَپَرِ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 17 ]
لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي، دوسِتَنِ اَڳِيان ڌَرِ،
عِشقُ نانگُ اَپَرِ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 17 ]
صَبُرُ گهَڻو سَڦِرو، ٻِي جُڳائي ماٺِ،
پِئو لَتاڙجِ لَطِيفُ چئَي، چُرِجِ مَ اَڳِيان چاٺِ،
ڏُڄَڻَ پُونِ ڪاٺِ، سَڄَڻَ ٿِيَنِ سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 27 ]
پِئو لَتاڙجِ لَطِيفُ چئَي، چُرِجِ مَ اَڳِيان چاٺِ،
ڏُڄَڻَ پُونِ ڪاٺِ، سَڄَڻَ ٿِيَنِ سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 27 ]
مَ ڪِي ھيجِ مَ ھوجَ، تَرسُ مَ تاڻِ جَھازَ،
چَئُہ ڪَلمُو مُحَّمَدَ تي، تَہ اَڳِيان اَچي اوڄَ،
تَہ سَھکِيءَ ڀَتِ سَٻوجَهہ، تُنھِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 15 ]
چَئُہ ڪَلمُو مُحَّمَدَ تي، تَہ اَڳِيان اَچي اوڄَ،
تَہ سَھکِيءَ ڀَتِ سَٻوجَهہ، تُنھِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 15 ]
ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، اوتِيائُون عَنبِيرَ،
مَهِنديين مُهِري مُصطَفيٰ، اولي ويھُ اَمِيرَ،
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، اَڳِيان سُڄي سَمُنڊَ سِيرَ،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدَ مِيرَ، جوکو ٿِئي مَ جَھازَ کي.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 12 ]
مَهِنديين مُهِري مُصطَفيٰ، اولي ويھُ اَمِيرَ،
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، اَڳِيان سُڄي سَمُنڊَ سِيرَ،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدَ مِيرَ، جوکو ٿِئي مَ جَھازَ کي.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 12 ]
حُرُ ھَلِي آيو ھُنِ پاران، مانجِهي مَردانو،
اَڳِيان اَچِي اِمامَ جي، زور ڀَريائِين جانو،
آھي عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَروانو،
ڀاءُ پُٽَ سِرُ صَدِقو، ٻِئو پُڻ ڏِيان ٻانهو،
مانَ راضِي ٿِئي رَسُولُ رَبَ جو، نَبِي تو نانو،
ھِيءُ سِرُ سَمانو، گهوٽَ مَٿانئِي گهورِيان.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 2 ]

مُون کي ڀانئِين ڀاڄَ، ڏيرَ ڏوراڻا ھَلِئا،
اَڳِيان اُٿِي اُنَ جي، خُوبُ نَہ پَڪَمِ کاڄَ،
ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪِي ڳايَمِ ڳاڄَ،
سا مُون ھَٿان نَہ ٿِي، جيڪا رَسَمَ راڄَ،
آيَلِ آئُون اَڪاڄَ، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 13 ]
اَڳِيان اُٿِي اُنَ جي، خُوبُ نَہ پَڪَمِ کاڄَ،
ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪِي ڳايَمِ ڳاڄَ،
سا مُون ھَٿان نَہ ٿِي، جيڪا رَسَمَ راڄَ،
آيَلِ آئُون اَڪاڄَ، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 13 ]
جانۡ ساماڻِينءَ سَسُئِي، تَہ ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ،
لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ،
تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان ھوتُ حُضُورَ ۾.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 29 ]
لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ،
تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان ھوتُ حُضُورَ ۾.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 29 ]
مُنھان مَھِندِ ٿِئا، سُورَنِ ٻَڌو سَندِرو،
ڏورِ تَہ ڏورِيُون اُنِ کي، وِندُرِ جٖي وِئا،
سيڻَ مُنھِنجا سَرَتِيُون، قَضا ھي ڪِئا،
اَڙِيَسِ آرِياڻِيءَ سين، ڪوھُ ڄاڻان ڪِئان،
ڪَندِيَسِ ڪِينَ ٻِئا، ھوتَ مَٽائي اَڳِيان.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 35 ]

سوڍا شَرَمُ جَنِ، موٽِي آيو مُنھَن ۾،
سي لَڄايُون لُڇَنِ، پَسِئو عَيبَ اَڳِيان.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 19 ]
سي لَڄايُون لُڇَنِ، پَسِئو عَيبَ اَڳِيان.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 19 ]
سوڍا شَرمايُون، پَسِي عَيبَ اَڳِيان،
نَڪَ نِرجايُون ھُيُون مُنھِنجي حَقَ ۾.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 20 ]
نَڪَ نِرجايُون ھُيُون مُنھِنجي حَقَ ۾.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 20 ]
English Meaning
In front of, in presence of, before, than, in comparison with.