اَڱَڻَ جي سنڌي معنيٰ
اَڳر، آڳنڌ. گهر جا احاطا. آڳيل، پڌَر. صحن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The court yard in front of a house, a yard.
اَڱَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
چَڱا چَنڊَ چَئيجِ، سَنِيھا کي سَڄَڻين،
اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ،
جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 6 ]
اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ،
جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 6 ]
پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏھِن تَڏِھِين پِرِينءَ کي،
ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 12 ]
ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 12 ]
اَڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾،
اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي،
اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 11 ]
اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي،
اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 11 ]
اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن ڏاگها ڏِينھَن ڏِٺاءِ،
ڪُنجُون جٖي ڪُلفَنِ جُون، تان ڪَنھِن لَلِ لِڪاءِ،
سُڀاڻي سَندِياءِ، ھُوندَ ٿِي سارُوڻِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 9 ]
ڪُنجُون جٖي ڪُلفَنِ جُون، تان ڪَنھِن لَلِ لِڪاءِ،
سُڀاڻي سَندِياءِ، ھُوندَ ٿِي سارُوڻِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 9 ]
تو دَرِ آيو راڄِيا، ھِھَڙو وَٺِي حالُ،
اونائِجِ عَلِيلَ جو، سَٻاجها سُوالُ،
اَڱَڻَ مَٿي آنھِنجي، ڪَھي ڪِي قَوالُ،
ڀَلا ڪَري ڀالُ، اَئِين اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 8 ]
اونائِجِ عَلِيلَ جو، سَٻاجها سُوالُ،
اَڱَڻَ مَٿي آنھِنجي، ڪَھي ڪِي قَوالُ،
ڀَلا ڪَري ڀالُ، اَئِين اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 8 ]
اُڀِي اَڱَڻَ جَهلَ، ڪانگَ اُڏائي ڪامِڻِي،
آيُسِ جَا اوچتو، اُنِهين ماڳِ مَھَلَ،
سُورَنِ وِڌسِ سَلَ، ڪانگين ڪُٺِي ڪامِڻِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 12 ]
آيُسِ جَا اوچتو، اُنِهين ماڳِ مَھَلَ،
سُورَنِ وِڌسِ سَلَ، ڪانگين ڪُٺِي ڪامِڻِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 12 ]
ھَٿَنِ سين حاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ سين نِھارِ،
اُڀا اَڱَڻَ پارِ، پَسُ پَنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 10 ]
اُڀا اَڱَڻَ پارِ، پَسُ پَنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 10 ]
سِڪَڻَ اِيءَ نَہ سَڌَ، جِيئَن لِڪِئو لَياڪا پائيين،
پَئِي پِريان جي نَہ ٿِيين، مَٿي اَڱَڻَ اَڌَ،
اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ، جِيئَن کِلِئو کايو سُمَهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 10 ]
پَئِي پِريان جي نَہ ٿِيين، مَٿي اَڱَڻَ اَڌَ،
اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ، جِيئَن کِلِئو کايو سُمَهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 10 ]
جِئان ڏِنائُون پيرَ، جِئان ڏِنائُون پيرَ،
مَٿي اَڱَڻَ آئِيا، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ،
جِئائِين نَبي نِڱِئو، ڀَري مُبارڪَ پيرَ،
ساري شفِيعَ ڄامَ کي، ھِينئَڙي لَڳِي ھيرَ،
ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، اَچِي عَلِيءَ شيرَ،
لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا، ٿِي واڌائِيءَ ويرَ.
[ سُر بلاول، وايون، 2 ]

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن ڏاگها ڏِٺَئِي ڏِينھَن،
وَٺِي سَڙَڪَ سَسُئِي، ويھُ وِھاڻِيءَ سِينءَ،
چوٽِي سين چانگَن کي، جَڙِ زَنجِيرَنِ جِيئَن،
تَہ ھوتُ تُنھِنجو ھِيئَن، پُنهون نِيائُون نَہ پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 10 ]