اَڀاڳُ جي سنڌي معنيٰ
نڀاڳ، بي ڀاڳائي، بي بختي، بي نصيبي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Without luck, fateless, luckless.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
اَڀاڳُ جا بيتن ۾ حوالا
آلوڙو اَکِيُنِ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳُ کي،
ھاڻي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهارِيان ڪارَڻِ ڪَنِ،
اَدِيُون اوٺِيَڙِنِ، مُون ھِنيَين سين ھاڃو ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 9 ]
ھاڻي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهارِيان ڪارَڻِ ڪَنِ،
اَدِيُون اوٺِيَڙِنِ، مُون ھِنيَين سين ھاڃو ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 9 ]
سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، وارِيين نَہ ويراڳُ،
لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، ڇَڏي جوڳِي جاڳُ،
جِيئَن تُون ڀُڻِين سَنِرو، اِيءُ آديسِي اَڀاڳُ،
لاھُوتِيءَ ڪو لاڳُ، مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 14 ]
لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، ڇَڏي جوڳِي جاڳُ،
جِيئَن تُون ڀُڻِين سَنِرو، اِيءُ آديسِي اَڀاڳُ،
لاھُوتِيءَ ڪو لاڳُ، مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 14 ]
مَڙِهيُون پُوري ماڳَ، وِئا ويراڳِي، يااللهَ،
پُرئا پُورَڀَ پارَ ڏي، آيَلِ مُون اَڀاڳُ،
سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لاھي وِئَڙا لَاڳُ.
[ سُر پورب، وايون، 11 ]
پُرئا پُورَڀَ پارَ ڏي، آيَلِ مُون اَڀاڳُ،
سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لاھي وِئَڙا لَاڳُ.
[ سُر پورب، وايون، 11 ]
ڏيرَنِ مُل ڏاڍائِي، يا اِلاھِي، آئُون آسُونھِين اَوَتَڙَ آڏا،
چُوڻُو چُڻَنَ آئِيا، پَکِيَڙا پَرَڏيھِي،
سَوَلِي ڪَرِيين سَچا ڌَڻِي، اَڳِئان اُونداھِي،
آھي اَڀاڳُ اُنِ کي، جَنِي واٽَ وِڃائِي،
ري فَضُلَ رَبَ جي، مُوران ماڙِ نَہ ڪائِي،
آيا مَلَڪَ اللهَ جا، ھئَي ھئَي ڪَندا ھيڪائِي،
آئُون سِنڌِي ھُو عَرَبِي، ڪِيئَن پَرُوڙِبِي وائِي.
[ سُر آسا، وايون، 5 ]

تَنِ مُنھَن موچارا مارُوئين، مَلِيرُ جَنِي ماڳُ،
ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ،
اَکَرُ مُون اَڀاڳُ، حُسُنُ تي ھِيئَن وِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 11 ]
ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ،
اَکَرُ مُون اَڀاڳُ، حُسُنُ تي ھِيئَن وِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 11 ]
ڪونِهي قادِرُ ڪو ٻِئو، اُنِين جو اَڀاڳُ،
قُلْ لَنْ يُصِيبَنَا إِلاّ مَا ڪَتَبَ اللهُ ، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ،
سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مُساوِي ٿِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 12 ]
قُلْ لَنْ يُصِيبَنَا إِلاّ مَا ڪَتَبَ اللهُ ، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ،
سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مُساوِي ٿِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 12 ]
English Meaning
Without luck, fateless, luckless.