اَوَتَڙِ جي سنڌي معنيٰ
اُهو تَڙ جتي ٻيڙين بيھڻ يا وهنجڻ جو سھنج نہ ھُجي، اَھنجو تَڙ، اَڻانگو تڙ، خراب تَڙُ، ”سُتَڙُ“ جو ضد. اَوَجهڙ. پراھون، ڪُواٽ. گمراھ. (ظرف) مٿانھون ، اُڀڪپرو وغيرہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A bad landing place.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
اَوَتَڙِ جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَڏھِن چَيو جَنِ،
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، ھيجا ساڻُ ھِنيَنِ،
تَڏِھِين مَنجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونَہ اولئِو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 3 ]
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، ھيجا ساڻُ ھِنيَنِ،
تَڏِھِين مَنجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونَہ اولئِو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 3 ]
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَنِ اُتو سين اِيمانَ،
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 4 ]
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 4 ]
اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ،
ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سان عالِمَ،
بي بَھا بالَمَ، آگي ڪِئا اَڳھَيِن.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 5 ]
ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سان عالِمَ،
بي بَھا بالَمَ، آگي ڪِئا اَڳھَيِن.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 5 ]
سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي،
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُوريائُون،
سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 16 ]
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُوريائُون،
سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 16 ]
ٻوڙِين چاڙِھِينِ تُون ڌَڻِي، ٻي جو دَعويٰ رَسي نَہ دَمُ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، ميھَرَ تي مَعلُومُ،
رَکُ ڀيلي جو ڀَرَمُ، جَو اَوَتَڙِ پِئو اَجهورَ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 2 ]
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، ميھَرَ تي مَعلُومُ،
رَکُ ڀيلي جو ڀَرَمُ، جَو اَوَتَڙِ پِئو اَجهورَ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 2 ]
English Meaning
A bad landing place.