ھُلُ جي سنڌي معنيٰ
شور، لُڙ، گوڙ، ڌمچر، ٻائيتال، غوغاءَ، گهمسان، دانھن، رڙ، ڪوڪ، واڪو، شھرت، نيڪ نامي، پڌرائي، مشھوري،
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Outcry, noise, uproar, clamor, a row.
ھُلُ جا بيتن ۾ حوالا
وَحدَتان ڪَثرَتَ ٿِي، ڪَثرَتَ وَحدَتَ ڪُلُ،
حَقُ حَقِيقِي ھيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھِيءُ ھُلاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 14 ]
حَقُ حَقِيقِي ھيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھِيءُ ھُلاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 14 ]
ھوڏانهَن ھُن ھُلُ ڪِئو، ھيڏانهَن ھِي ھَڻَنِ،
شرِنايُون ۽ سُرندا، ٻِنِهِي پارِ ٻُرَنِ،
اللهَ شهِزادَنِ، سوڀُون ڏِيين سَچا ڌَڻِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 13 ]
شرِنايُون ۽ سُرندا، ٻِنِهِي پارِ ٻُرَنِ،
اللهَ شهِزادَنِ، سوڀُون ڏِيين سَچا ڌَڻِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 13 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ جُهونُو ٿِي ڄُلُ،
وَسائيج وُجُودَ ۾، اَٺَئِي پَھَرَ امُلُ،
تَہ سَندو ھائِيءَ ھُلُ، ڪَڏِھِين ڪَنين نَہ سُڻين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 17 ]
وَسائيج وُجُودَ ۾، اَٺَئِي پَھَرَ امُلُ،
تَہ سَندو ھائِيءَ ھُلُ، ڪَڏِھِين ڪَنين نَہ سُڻين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 17 ]
ڀَرِئو ڍورَ تَراءُ، پيٺِيُون ڪوٽَ دَرازِئا،
نَہ سي پاڻِيءَ وارِيُون، نَہ سو ھُلُ ھُڳاءُ،
اَدِيُون آڳَڙِيا، کَڻِي ڪَنھِن کُوڻِ وِئا.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 7 ]
نَہ سي پاڻِيءَ وارِيُون، نَہ سو ھُلُ ھُڳاءُ،
اَدِيُون آڳَڙِيا، کَڻِي ڪَنھِن کُوڻِ وِئا.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 7 ]
مَنجِهہ ڪَٻَرُنِ ھُلُ، ٻَھران لقمَن چَمِڙا،
نَہ لاکو نَہ ڦُلُ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 2 ]
نَہ لاکو نَہ ڦُلُ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 2 ]
وَڳَ نَہ وارِئائُون، چارِيءَ جو چَيو ڪَري،
تَڏِھِين سارِئائُون، جَڏَھِين ھَيِنِ جو ھُلُ ٿِئو.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 1 ]
تَڏِھِين سارِئائُون، جَڏَھِين ھَيِنِ جو ھُلُ ٿِئو.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 1 ]
English Meaning
Outcry, noise, uproar, clamor, a row.