ھيڪِڙو جي سنڌي معنيٰ
ھڪڙو، اڪيلو، ڇڙو،يگانو، ھڪ ئي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One, single, singly.
ھيڪِڙو جا بيتن ۾ حوالا
وَحدَتان ڪَثرَتَ ٿِي، ڪَثرَتَ وَحدَتَ ڪُلُ،
حَقُ حَقِيقِي ھيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھِيءُ ھُلاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 14 ]
حَقُ حَقِيقِي ھيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھِيءُ ھُلاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 14 ]
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، وائِي ٻِي وِسارِ
تَنَ ۾ تَندُ تَنوارِ، سَدا سُپَيرِيَن جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 15 ]
تَنَ ۾ تَندُ تَنوارِ، سَدا سُپَيرِيَن جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 15 ]
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وائِي وِساري ڇَڏِ،
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 16 ]
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 16 ]
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وارِجِ مَ وائِي،
سِکِجِ تُون سا ئِي، جيڪا مُڪِي سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 17 ]
سِکِجِ تُون سا ئِي، جيڪا مُڪِي سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 17 ]
تِھَڙا چالِيھا نَہ چالِيھَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،
ڪِھَڙِي ڪاتِبَ تُون ڪَرِيين، مَٿي پَنَنِ پِيھَ،
جَي وَرَقَ وَرائِيين وِيھَ، تَہ اَکَرُ اُھوئِي ھيڪِڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 20 ]
ڪِھَڙِي ڪاتِبَ تُون ڪَرِيين، مَٿي پَنَنِ پِيھَ،
جَي وَرَقَ وَرائِيين وِيھَ، تَہ اَکَرُ اُھوئِي ھيڪِڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 20 ]
ڪَرَھا ڪَنگُوءَ ريٽَ ۾، لَکين سَئين چَرَنِ،
تِئان ويسَريَنِ، ھَٿِ نَہ اَچي ھيڪِڙو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 36 ]
تِئان ويسَريَنِ، ھَٿِ نَہ اَچي ھيڪِڙو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 36 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ لَهرِيُون ڪَنِ لوڙا،
سَوين اَچِئو سِيرَ ۾، ٿِيَنِ سِيڻاھِيَلَ سوڙِھا،
جٖي تارُو ھُئا توڙا، تَنِ ھُرڀُ ڀانيو ھيڪِڙو.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 14 ]
سَوين اَچِئو سِيرَ ۾، ٿِيَنِ سِيڻاھِيَلَ سوڙِھا،
جٖي تارُو ھُئا توڙا، تَنِ ھُرڀُ ڀانيو ھيڪِڙو.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 14 ]
لَھِرِيين لَکَ لِباسَ، پاڻِيءَ پَسَڻُ ھيڪِڙو،
اُونِهي ھِنَ عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ،
جِتِ ناھِ نِھايَتَ نِينھَن جِي، تِتِ کُوءِ پَنھِنجي خاصَ،
تَرَڻَ جِي تَلاشَ، لاھِ تَہ لالَڻَ لَڳِ ٿِيين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 11 ]
اُونِهي ھِنَ عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ،
جِتِ ناھِ نِھايَتَ نِينھَن جِي، تِتِ کُوءِ پَنھِنجي خاصَ،
تَرَڻَ جِي تَلاشَ، لاھِ تَہ لالَڻَ لَڳِ ٿِيين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 11 ]
لهوارا تان لَکَ، ھُونءَ تان ھُرِڀُ ھيڪِڙو،
اُڀِيُون اوٻاھَنِ ۾، جُوٺِيون مارِينِ جَکَ،
لُڻِيو اُتِ لَطِيفُ چَئِي، ڪُوڙِيُون ٻَڌنِ ڪَکَ،
واھُڙُ تَنِي وِکَ، جَنِ کي نَدِي ناھِ نِگاھَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 11 ]
اُڀِيُون اوٻاھَنِ ۾، جُوٺِيون مارِينِ جَکَ،
لُڻِيو اُتِ لَطِيفُ چَئِي، ڪُوڙِيُون ٻَڌنِ ڪَکَ،
واھُڙُ تَنِي وِکَ، جَنِ کي نَدِي ناھِ نِگاھَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 11 ]
ڏُونگَرَ مُون سين روءُ، ڪَڍِي پارَ پُنهونءَ جا،
سَڄَڻُ ھومِ ھيڪِڙو، وِئو ڦوڙائي سو،
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، مُون سين اِرادي اِيئَن ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 17 ]
سَڄَڻُ ھومِ ھيڪِڙو، وِئو ڦوڙائي سو،
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، مُون سين اِرادي اِيئَن ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 17 ]
English Meaning
One, single, singly.