ڳانا جي سنڌي معنيٰ
ڳِچي ۾ سُونھن خاطر ٻڌڻ لاءِ سوٽي يا ريشمي رنگين ڏورا، ڳانيون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A string of cowries round a camel’s neck. A string of black woolen thread obtained at the tomb of Lall Shahbaz at Sehwan and worn round neck.
ڳانا جا بيتن ۾ حوالا
ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِي مَنجِهين مالَ
قَطِيفِيءَ جِي ڪَرَھا، ھَيدِي پائِيَئِين حالَ،
چَندَنُ چارِيَئِين جالَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 10 ]
قَطِيفِيءَ جِي ڪَرَھا، ھَيدِي پائِيَئِين حالَ،
چَندَنُ چارِيَئِين جالَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 10 ]
ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مَھارَ،
چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ،
سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 11 ]
چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ،
سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 11 ]
ڳَلِ ڳانا مُنھِن ماڻِڪِي، مَيي ٻَجَهنِ موڙَ،
جهان جهان جَهمَ جَهڪورَ، ڪَرَھا ڪاڪِ ڌَڻِيَنِ جي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 1 ]
جهان جهان جَهمَ جَهڪورَ، ڪَرَھا ڪاڪِ ڌَڻِيَنِ جي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 1 ]
ڳِچِيءَ ڳانا لوھَ جا، زيرِيُون ۽ زَنجِيرَ،
پيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪوٺِينِ اَندَرِ ڪِيرَ،
چاري چوگانَنِ ۾، واھِيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ،
ڇَنِ نَہ ڇَڄي آھِيان، اِھَڙِي سِٽَ سَرِيرَ،
مارُو ڄامَ مَلِيرَ، پُڇِجِ ڪِي پَنوَھارَ کي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 23 ]