گُناھَ جي سنڌي معنيٰ
ڏوھ، پاپ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sins
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
گُناھَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ،
نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، لائِيين جَي لُعابَ،
پَلِيتو ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجِهہ جُنابَ،
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏَي، ريڙِيين ساڻُ رِڪابَ،
چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، آئُون ڇَڙِ عُقابَ،
دِيدُ وِڃايُمِ دوسِتَ جو، ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
سو نَہ ڪَنھِن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
جٖي جَهرَڪِئا جَرَ تي، اِيءَ تانْ سَڀَ حُبابَ،
فَنا وِجَهندَءِ فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ڏي طَھُورا تَنِ کي، جٖي سِڪَنِ لَئي شَرابَ،
مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، ياوَھ سَڀَ جَوابَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 1 ]

ھِڪَ تُراڙي گُناھَ، سَڀَيئِي سَنوارِئا،
پاڻِيءَ پارِي ناھِ ڪا، نَہ ڪا ويساندِ واءَ،
کاڌِي لَرِزَ لَطِيفُ چئَي، سَبَبَ اُنَ جي ساھَ،
ڪو فَضُلُ ڪَرِ فَتاحَ، ٻي تُراڙي ٻاجَهہ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 17 ]

آھِين سُونھون ساٿَ جو، ھِتي ھُتي تُون،
گُناھَ نَہ بَخشِيين مُون، تُون ڌَڻِيَمِ آھِين داسَڙا.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 15 ]

جَڏھِن ٻُڌوسُون، تَہ ٿو بَخِشِين بَدڪارَنِ کي،
تَڏِھِين اُٿِي مُون، وَٺِتو گَسُ گُناھَ جو.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 5 ]

نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَہ ڪا مُورَتَ ماھَ،
نَہ ڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرَضُ گُناھَ،
ھيڪائِي ھيڪُ ھُئِي، وَحدانِيَتَ واھَ،
لِکِيائِين لَطِيفُ چئَي، اُتِ ڳُجهاندَرَ جِي ڳاھَ،
مُون تَوِھِين سين آھي، اُھا ساڃاءِ سُپِرِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 6 ]

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري سانگو ڇَڏي ساھَ،
ويچارِيءَ وڏِيُون ڪِيُون دانھُون مَنجِهہ دَرياھَ،
ٻَر ٻانھُن ڇڏِئو، وييَسِ چُڪِي واھَ،
مَدَدَ ريءَ ميھارَ جي، غَرَضَ سَڀَ گُناھَ،
نُورِي ڪَرِ نِگاھَ، ساھَڙَ لنگهِيان سِيرَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 17 ]