گَنجي جي سنڌي معنيٰ
حيدرآباد لڳ ھڪ ٽڪر جو نالو، جتي گهڻو اڳ فقيرن جا آستان ھوندا ھئا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a hill near Hyderabad, where in old times faqirs and saints use to visit as sacred place.
گَنجي جا بيتن ۾ حوالا
جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين،
سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ،
مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،
صُبحِ سُتي سُکَ ۾، ويسَلي وِئامِ،
ڪِيھُون ڪوھَنِ پَٽِيين، ڪُوڪُون جَمازانِ،
ھوتاڻِي ھَٿُ کَڻي مَنَ پُنهون پِيادِيانِ،
ھَڪَل ھوتَ پُنهونءَ جِي، سَڳَرَ ۾ سُيامِ،
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ٿاھَرَ ٿوڀَ ٿِئام،
ڪوڙيِين ڀالَ پُنهونءَ جا، گَنجي مَنجِهہ گُهرِيامِ،
سُتي سَنگهَر پَٽِيين، جَنھِن سِگهَڙِي سارَ لَڌِيام،
وِلِهُون ويلا ڇَپَرين، ڪارَڻِ جَنِ ڪِئامِ،
موٽِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾ اَڱَڻِ سي آيامِ.
[ سُر معذوري، وايون، 3 ]

پِئو جَنِ پَرو، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جو،
ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 1 ]
ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 1 ]
پيئِي جَنِ پَرُوڙَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
ڇَڏي سي ضَرُورَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 3 ]
ڇَڏي سي ضَرُورَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 3 ]
پيئِي جَنِ پَڻِي، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
ڇَڏي نِنڊَ گهَڻِي، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 4 ]
ڇَڏي نِنڊَ گهَڻِي، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 4 ]
جَنِي پيئِي باسَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي،
ڇَڏي سي لِباسَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 6 ]
ڇَڏي سي لِباسَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 6 ]
ڪِھَڙو اَٿِئِي ڪامُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾،
پَسِي تَنھِن پاھَڻَ کي، اَچي نَہ آرامُ،
مَتان ڏُونگَرُ ڏورِيين، اُجهين ڪُھ عَوامُ،
حَرا ڪَرِ حَرامُ، کاءُ تَہ کاھوڙِي ٿِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 11 ]
پَسِي تَنھِن پاھَڻَ کي، اَچي نَہ آرامُ،
مَتان ڏُونگَرُ ڏورِيين، اُجهين ڪُھ عَوامُ،
حَرا ڪَرِ حَرامُ، کاءُ تَہ کاھوڙِي ٿِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 11 ]
مارُئِي ناھِ مَلِيرَ ۾، نَہ ڪا وَٽِ حَمِيرَ،
پُنهون ڪونِهي ڪيچَ ۾، نَڪِي سِنڌُ اَمِيرَ،
مُومَلَ ناھِ ماڙِيين، گَنجي ناھِ فَقِيرَ،
وَرُ ڇڏِئو واهَڙُ تَري، ساهَڙُ مَنجِهہ سَرِيرَ،
ڪُٻَنِ ڪِينِهي پِيرَ، مُرشِدَ مَساڻَنِ ۾.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 9 ]

پيئِي جَنِ پَرَکَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي،
واري سي وَرَقَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 2 ]
واري سي وَرَقَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 2 ]
جَنِي پيئِي بُوءِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
ڏوري سائِي جُوءِ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 5 ]
ڏوري سائِي جُوءِ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 5 ]
پيئِي جَنِي سُڌِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
ڇَڏي ٻِي سَڀَ ٻُڌِ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 7 ]
ڇَڏي ٻِي سَڀَ ٻُڌِ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 7 ]
English Meaning
Name of a hill near Hyderabad, where in old times faqirs and saints use to visit as sacred place.