ڪَنجِرو جي سنڌي معنيٰ
زالن جي پائڻ لاءِ هڪ قسم جو ڀرت ڀريل جو ڪپڙو ڪنوار پرڻجڻ وقت پائي، صرف ڇاتي ۽ اڌ پيٽ ڍڪيندڙ چولي، ڪَنجران، ڪَنجري، سيني پوشُ، انگي. گهگهرو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A kind of bodice worn by women.
ڪَنجِرو جا بيتن ۾ حوالا
ڪُلِهين ڦاٽو ڪَنجِرو، مَٿو اُگهاڙو،
مُنھِنجو ڪُڄاڙو، ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 10 ]
مُنھِنجو ڪُڄاڙو، ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 10 ]
ڏُکويُنِ اُھڃاڻُ، ڪُلِهين ڦاٽو ڪَنجِرو،
وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪَ نَہ آڇينِ پاڻُ،
سُورَنِ تَنِي ساڻُ، نَنڍاڪُون نِينھُن ڪِئو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 27 ]
وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪَ نَہ آڇينِ پاڻُ،
سُورَنِ تَنِي ساڻُ، نَنڍاڪُون نِينھُن ڪِئو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 27 ]
اَڃا راتِ رَتومِ، ڪوڏِ ڪوھِيارِي ڪَنجِرو،
ڀينَرُ ڀِڄايومِ، سُڀاڻي سُورَنِ سين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 30 ]
ڀينَرُ ڀِڄايومِ، سُڀاڻي سُورَنِ سين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 30 ]
ھَئِي ڦِٽو ڪَرِ ھارُ، سونَ ڦُلَنِ سين ڪَنجِرو،
کوءِ اُھَندَڙُ پَٽَ جو، جَنھِن مان وِڏُوڻُو واپارُ،
ڪِيَڙُئِي جو ڪارُون ڪَري، سُورَنِ جو سِينگارُ،
تُون مُنڌَ مُٺِي بِيمارُ، ڇو ڳِچِيءَ جو ڳَهِڻُو ڪَرِين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 12 ]
کوءِ اُھَندَڙُ پَٽَ جو، جَنھِن مان وِڏُوڻُو واپارُ،
ڪِيَڙُئِي جو ڪارُون ڪَري، سُورَنِ جو سِينگارُ،
تُون مُنڌَ مُٺِي بِيمارُ، ڇو ڳِچِيءَ جو ڳَهِڻُو ڪَرِين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 12 ]
اَنگَڙِيارو ڪَنجِرو، لوئِي سين لِيڙُنِ،
ھِھَڙو حالُ وَٺِي ڪَري، وَڃان مَنجِهہ ٿَرنِ،
مارُو مانَ چَوَنِ، ھُئِي اَسان جي آسِري.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 19 ]
ھِھَڙو حالُ وَٺِي ڪَري، وَڃان مَنجِهہ ٿَرنِ،
مارُو مانَ چَوَنِ، ھُئِي اَسان جي آسِري.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 19 ]
ڪَرَھَلَ پائي لَڄُ، ڪوھُ نَہ ويئِيئَن اُنِ سين،
اُجارِيائُون اولِيُون، ڌُئاريائُون ڌَڄُ،
مَتان وِھين ويسَلِي اُٿِي ڀُورَلِ ڀَڄُ،
سيڻَنِ ساجُهرِ لَڏِئو، تُون آئِي نِهارِئين اَڄُ،
ڪالَهہ سِبايُئِي ڪَنجِرو، اَنگين پاتُئِي اَڄُ،
پِريان جِي ھُنَ پارَ ڏي، وَڃِي دَونڪِي ڌڄُ،
ڪيرُ سُڻَندو تُنھِنجُون، اَدورانھُون اَڄُ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 3 ]