ڪَرِڙا جي سنڌي معنيٰ
سخت، سٽاڻا، ڏاڍا، ڪٺن. زوراور، طاقتور، ڪراڙا، تُندَ، تيز، تُند مزاج، بد مزاج. رُکا. شوخ، سخت دل، ڪٺور، بي رحم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hard, hard-hearted, unfeeling, harsh, cruel, passionate, severe, ferocious.
ڪَرِڙا جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ مِينھَن پَوَنِ ماڪُون،
سُڄَنِ ٿِيُون سَيِّدُ چئَي، ھاڙِھي جُون ھاڪُون،
جِتِ اينڌِيُون اوطاقُون، اُتِ ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 15 ]
سُڄَنِ ٿِيُون سَيِّدُ چئَي، ھاڙِھي جُون ھاڪُون،
جِتِ اينڌِيُون اوطاقُون، اُتِ ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 15 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ گهُونا گهُونِ ،
ليڙَنِ جُون لَطِيفُ چئَي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ،
جَنِ ڏِٺو پيرُ پِرِينءَ جو، سي نَڪِي رُونِ نَہ چُوَنِ،
ھُوندَنِ مَٿي ھُونِ، لاڳاپا ھِنَ لوڪَ جا.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 1 ]
ليڙَنِ جُون لَطِيفُ چئَي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ،
جَنِ ڏِٺو پيرُ پِرِينءَ جو، سي نَڪِي رُونِ نَہ چُوَنِ،
ھُوندَنِ مَٿي ھُونِ، لاڳاپا ھِنَ لوڪَ جا.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 1 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جَبَلَ جِتِ جَهجها،
موٽُ مُحَّمَدَ ڪارَڻِي، عالَمَ جا اَجها،
پُنهونءَ ري سَنجها، مُون ووڙِيندِيءَ وَرُ مِلي،
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 2 ]
موٽُ مُحَّمَدَ ڪارَڻِي، عالَمَ جا اَجها،
پُنهونءَ ري سَنجها، مُون ووڙِيندِيءَ وَرُ مِلي،
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 2 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جَبَلَ جامو جامَ ،
سَمَرَ بِنان سَرَتِيُون، ڪَھَ ۾ گِهڙِي ڪا مَ،
بِنان مُحَّمَدُ ڄامَ، ڪونِهي وَسِيلو وِچَ تي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 3 ]
سَمَرَ بِنان سَرَتِيُون، ڪَھَ ۾ گِهڙِي ڪا مَ،
بِنان مُحَّمَدُ ڄامَ، ڪونِهي وَسِيلو وِچَ تي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 3 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ جالارا،
ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگَرين، لَيءِ آرِي اُلارا،
ڪَھَ ۾ ڪوھِيارا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 4 ]
ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگَرين، لَيءِ آرِي اُلارا،
ڪَھَ ۾ ڪوھِيارا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 4 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، روھَ جَبَلَ روڏا،
وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا،
آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏا،
ڪوھِيارِي ڪوڏا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 5 ]
وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا،
آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏا،
ڪوھِيارِي ڪوڏا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 5 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، وِئا روڏا رِنگائي،
رَھِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئَي، تَنھِن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
آرِياڻِي آھي، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 6 ]
رَھِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئَي، تَنھِن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
آرِياڻِي آھي، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 6 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ ماٿَرِ مَٿاھِين،
سُڄَن ٿا سَيِّدُ چئَي، مِرُون مَھائِين،
آرِياڻِي آھِين، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 7 ]
سُڄَن ٿا سَيِّدُ چئَي، مِرُون مَھائِين،
آرِياڻِي آھِين، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 7 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ بَرَ پَٽَ بَيابانُ،
ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسَرِي، ٿِئا حَرِيفَ حَيرانُ،
سَسُئِيءَ لَنگِهئو سَيِّدُ چئَي، مَحَبتَ سين مَيدانُ،
جَنھِن جو آرِياڻِي اَڳِواڻُ، تَنھِن کي ڪانِهي باڪَ بَھِيرَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 8 ]
ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسَرِي، ٿِئا حَرِيفَ حَيرانُ،
سَسُئِيءَ لَنگِهئو سَيِّدُ چئَي، مَحَبتَ سين مَيدانُ،
جَنھِن جو آرِياڻِي اَڳِواڻُ، تَنھِن کي ڪانِهي باڪَ بَھِيرَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 8 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رائو،
تِتِرُ لَئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو،
جَڏھِن ڄامُ پُنهون ڄائو، ٿِئو سَوَلو طالِعُ ساٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 9 ]