کِوَڻِ جي سنڌي معنيٰ
چمڪَڻ . وڄ، بجلي، برق، چمڪاٽ، تجلو، شعاع.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lightning. Sky lightning during rain.
کِوَڻِ جا بيتن ۾ حوالا
ڏوري لَھُ ڏاتارُ، جِمَ وِھين ويسَلو،
ھَڪِيو ھوئِجِ ھوشِيارِ، کِوَڻِ کِوَندِيَئيِ اوچتِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 6 ]
ھَڪِيو ھوئِجِ ھوشِيارِ، کِوَڻِ کِوَندِيَئيِ اوچتِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 6 ]
کِوَڻِ ٿِي کِواءِ، تو آئِي نِنڊَ اَڀاڳَ کي،
ھَڪَلَ ھِنيَين لاءِ، سُڄي جَا سَمُنڊَ جِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 7 ]
ھَڪَلَ ھِنيَين لاءِ، سُڄي جَا سَمُنڊَ جِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 7 ]
کِوَڻِ ٿِي کِوي، تو آئِي نِنڊَ اَڀاڳَ کي،
تو اَسارا اِھي، سَڀَ ويندِيُون وِسَرِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 8 ]
تو اَسارا اِھي، سَڀَ ويندِيُون وِسَرِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 8 ]
کِوَڻِ کوايو، تو آئِي نِنڊَ اَڀاڳَ کي،
ڀَؤُ نَہ جَنِ ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 9 ]
ڀَؤُ نَہ جَنِ ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 9 ]
اَڄُ ڪِيئَن اَسارو، کِوَڻِ ڏِسِئو ٿو کِلين،
سَعيو ڪَرِ سَمُنڊَ جو، ويھُ مَ ويسارو،
صُبحِ سَوارو، اُھَرَندين اوڙاھَ ڏي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 10 ]
سَعيو ڪَرِ سَمُنڊَ جو، ويھُ مَ ويسارو،
صُبحِ سَوارو، اُھَرَندين اوڙاھَ ڏي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 10 ]
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪَئِي چوٽِي،
پِريان سَندي پارَ جي، کِوَڻِ نَہ کوٽِي،
آءُ لالَڻَ موٽِي، گهوريا رُسَڻَ ڏِينھَڙا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 10 ]
پِريان سَندي پارَ جي، کِوَڻِ نَہ کوٽِي،
آءُ لالَڻَ موٽِي، گهوريا رُسَڻَ ڏِينھَڙا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 10 ]
وَسُ بادَلَ وَسُ، تو وَسَندي وَسَ ٿِئي،
تو پيڪا مُون ساھُرا، کِوَڻِ پَلايو رَسُ،
تَنِي ڀاڳينَ وَسُ، جَنِ وَرَ مَٽائي ڀائُرَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 4 ]
تو پيڪا مُون ساھُرا، کِوَڻِ پَلايو رَسُ،
تَنِي ڀاڳينَ وَسُ، جَنِ وَرَ مَٽائي ڀائُرَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 4 ]
English Meaning
Lightning. Sky lightning during rain.