کِوَڻِيُنِ جي سنڌي معنيٰ
وِڄُن، ڪڪرن جي جهماڪن، روشنين، آسماني بجلين، بجرين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lightnings.
کِوَڻِيُنِ جا بيتن ۾ حوالا
سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَسَڻَ آيُون،
کِوَڻِيُنِ مُون خُوشِ ڪِئو، جي ڪَڪَرَ ۾ ڪاري،
جُهڙَنِ جُهونگاري، لاٿو ڪَٽُ قُلُوبَ تان.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 7 ]
کِوَڻِيُنِ مُون خُوشِ ڪِئو، جي ڪَڪَرَ ۾ ڪاري،
جُهڙَنِ جُهونگاري، لاٿو ڪَٽُ قُلُوبَ تان.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 7 ]
ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو وارِياسو،
ماکَرِيءَ تان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پاسو،
کُوري تي کِوَڻِيُنِ جو، ٿِئو چَڱو چَوماسو،
خالِقَ ڪِئو خاصو، چِيھَو چُکِيءَ ڪَنڌِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 3 ]
ماکَرِيءَ تان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پاسو،
کُوري تي کِوَڻِيُنِ جو، ٿِئو چَڱو چَوماسو،
خالِقَ ڪِئو خاصو، چِيھَو چُکِيءَ ڪَنڌِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 3 ]
English Meaning
Lightnings.