کيڻَ جي سنڌي معنيٰ
کاڌا، طعام، خوراڪ، مانيون روٽيون، چوڳ، چوڳا، چوڻا، چارا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Food, victuals, a dinner, a meal.
کيڻَ جا بيتن ۾ حوالا
جَنِ لاءِ جِهڄَنِ نيڻَ، تَنِ پَرَڏيھِ پُورِيو،
آيَلِ سامُونڊِيَنِ ري، کارا ٿِيَمِ کيڻَ،
وِردَ ٿِئڙَم ويڻَ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 20 ]

ڪَرَھا مَ ڪاھِيو مِيان ڪيچِي، آئُون آرِياڻِيءَ عَرَضُ چَوَندِي،
ڪَري ھوتَ ھَلَڻَ جِي، لُوٺِيءَ کي مَ لَڄايو،
وَسِيلو وِلِهِيءَ جو، آڳانڍو اَئِين آھِيو،
پاسي ۾ پَرِٽِ جي، جيڪي اُٺَ جُهڪايو،
وِلَهِيءَ جي وِھانءَ ۾، واڄَٽَ سَڀَ وَڄايو،
اُگَهاڙِي آتَڻ ۾، پَنھِنجِي پاڻَ پَراھِيو،
سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، صُورَتَ کي مَ سَڪايو،
ساڪِنَ ٿِي شَھَرَ جا، مَعذُورِ کي مَرڪايو،
پُنهونءَ ڄامَ پَريٽِ سين، ويھِي سُورَ وِرَھايو،
لاھي بارُ ڀَنڀورَ ۾، ويندي گهوٽَ وَناھِيو،
پُنهونءَ ڄاڃِيَڙَنِ کي، رَڌي کيڻَ کارايو،
پَرَڻائي پُنهونءَ کي، نيکيٽيءَ نِکَڙايو،
ٻيلِي ٿِي ٻانڀَڻِ سين، ڏِکي ڏيجُ ڏيکاريو.
[ سُر آبڙي، وايون، 3 ]

نيرانا ئِي نيڻَ، نيئِي آڇِ پِرِيَنِ کي،
سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جُھ ڏِٺو مُنھُن مَحبُوبَ جو.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 4 ]

اَڄُ اَڍانگا ويڻَ، مُون کي مُڪا جيڏيين،
ھارِي حَمِيرَنِ جا، جِڪُس کاڌَئِي کيڻَ،
ساڏوھِيُون ۽ سيڻَ، ڪِ تو وِئَڙا وِسَرِي.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 14 ]

زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا سَبَحَ مُنھِنجا سيڻَ،
وَرُ ڏُٿُ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، کُوءِ عُمَرَ جا کيڻَ،
وَرُ ويڙهِيچاڻا ويڻَ، کُوءِ سونُ تُنھِنجو سُومَرا.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 4 ]

زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ مُنھِنجا سيڻَ،
بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، نِتُ ٽِمايَمِ نيڻَ،
تَمَرُ بُرَ بِريان اُنِ جا، کاڄَ خُرما کيڻَ،
وِرھُ ٿِئَڙَمِ ويڻَ، اَعرابِنِ جي اِحسانَ جا.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 5 ]