ڀُڻان جي سنڌي معنيٰ
رُلان، ڀِٽڪان، ڦِران، ھلان، پنڌ پوان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Run, roam, wander.
ڀُڻان جا بيتن ۾ حوالا
ويٺِي روءِ وَڇُنِ سان، ڳچِيءَ پايو ٻانھَن،
لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانھَنۡ،
آئُون اَوِھان جِي دانھَن، سَدا ڀُڻان سَنِرِي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 16 ]
لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانھَنۡ،
آئُون اَوِھان جِي دانھَن، سَدا ڀُڻان سَنِرِي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 16 ]
آءُ اوراھُون سُپِرِين، اللهَ لَڳِ آرِي،
ڀُڻان بيڪارِي، تُون پارِسَ رَسِجِ پَٻَ ۾.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 7 ]
ڀُڻان بيڪارِي، تُون پارِسَ رَسِجِ پَٻَ ۾.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 7 ]
ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، روئِي نَہ ڄاڻان،
مَٿي ڪِئو ڀُڻان، ھَنجُنِ ھاڻا ھَٿَڙا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 1 ]
مَٿي ڪِئو ڀُڻان، ھَنجُنِ ھاڻا ھَٿَڙا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 1 ]
ڇَپَرَ ڇِنا پيرَ، ھَلِي ھَلِي ماءَ،
ڪوھِيارِي جِي ڪا، ڳِنِهو ڀُڻان ڳالِهڙِي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 32 ]
ڪوھِيارِي جِي ڪا، ڳِنِهو ڀُڻان ڳالِهڙِي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 32 ]
ھُوءِ ڏوٿِي ھُوءِ ڏِينھَن، ھُوءِ ڏُونگَرَ ھُوءِ لَڪِيُون،
ڪَنھِن جَنھِن لَڌا نِينھَن، ڀُڻان لَهسَنِ لُڪَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 10 ]
ڪَنھِن جَنھِن لَڌا نِينھَن، ڀُڻان لَهسَنِ لُڪَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 10 ]
جوڳِي جَڳَ گَهڻا، مُون وَھُ ويراڳِيَنِ سين،
پاڇِي ڪَنِ نَہ پاڻَ کي، تُنبِيءَ مَنجِهہ ڪَڻا،
ويٺِي مَٿي واٽَ تي، ڀَٽَنِ جِيئَن ڀُڻان،
سارِئو سَناسِيَن کي، ويٺِي ھَٿَ ھَڻانِ،
جيڪي ڌاڻِيان ڌُوڙِ ۾، جيڪي اَنَ ڪَڻا،
وِئا ويراڳِي نِڪِري، جَنِي مُنھِن مَڻِيا.
[ سُر رامڪلي، وايون، 20 ]

ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، آڌِي آھُون پُونِ،
مُئي پُڄاڻا مُنڌَ کي، روجَهہ رُڃنِ ۾ رُونِ،
ڀُڻان اِيئَن چُوَنِ، تَہ مُئِيءَ اَسان کي مارِئو.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 13 ]
مُئي پُڄاڻا مُنڌَ کي، روجَهہ رُڃنِ ۾ رُونِ،
ڀُڻان اِيئَن چُوَنِ، تَہ مُئِيءَ اَسان کي مارِئو.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 13 ]
English Meaning
Run, roam, wander.