پِٿُون جي سنڌي معنيٰ
ذرا، ذرا ذرا، ٽُڪرا، ٽڪرا ٽڪرا، ڳڀا، ڳڀا ڳڀا. (هميشه جمع ۾ ڪم ايندڙ لفظ)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pieces, torn or broken to atoms.
پِٿُون جا بيتن ۾ حوالا
کَڻِي ھارُ ھَڻِي، پَلَنگَ سِرِ پِٿُون ڪَرِيان،
وِينڊَڙِئارو وَلَهو، وِئو چِتُ کَڻِي،
سو پِٿُون ٿِئي پَڻِي، مانَ سَرِچي مُون پِرِين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 6 ]
وِينڊَڙِئارو وَلَهو، وِئو چِتُ کَڻِي،
سو پِٿُون ٿِئي پَڻِي، مانَ سَرِچي مُون پِرِين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 6 ]
ماڻُهو ڏيئِي ميھَڻا، مُون کي ڪَندا ڪوھُ،
جَي ڇورِيءَ ۾ ڇوھُ، پِٿُون ٿِيندِي پيرَ تي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 30 ]
جَي ڇورِيءَ ۾ ڇوھُ، پِٿُون ٿِيندِي پيرَ تي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 30 ]
پَھَڻَنِ ڪِينَ پَروُڙِئو، پِٿُون پيرَ ٿِئامِ،
ثُمَّ لا يَمُوتُ فِيهَا وَلا يَحْيَا ، ھِھَڙا حالَ سَندامِ،
ڪوجها ڪِرتَ ڪِئامِ، جِيئَن ھوتَنِ ڇَڏيَسِ حَبِ ۾.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 17 ]
ثُمَّ لا يَمُوتُ فِيهَا وَلا يَحْيَا ، ھِھَڙا حالَ سَندامِ،
ڪوجها ڪِرتَ ڪِئامِ، جِيئَن ھوتَنِ ڇَڏيَسِ حَبِ ۾.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 17 ]
آتَڻُ اورانگهي وِئا، آئُون ٿِي مَران ماءُ،
پِٿُون ٿيِندِيَس پيرَ تي، ھئَي ھئَي ڪَري ھاءِ،
جِيئَڻُ مُون نَہ جُڳاءِ، پِرِيَنِ تان پاسو ڪِئو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 25 ]
پِٿُون ٿيِندِيَس پيرَ تي، ھئَي ھئَي ڪَري ھاءِ،
جِيئَڻُ مُون نَہ جُڳاءِ، پِرِيَنِ تان پاسو ڪِئو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 25 ]
لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، وَسان ٿِي وِياسِ،
پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پِياسِ،
توڻي ماءَ مُياسِ، تَہ پُڻ ڪاڍو ڪيچَ ڏي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 23 ]
پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پِياسِ،
توڻي ماءَ مُياسِ، تَہ پُڻ ڪاڍو ڪيچَ ڏي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 23 ]
وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو،
آھي آرِيءَ آسِري، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ،
پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پِياسِ،
تَہ پُڻ ڪاڍو ڪيچَ ڏي، توڻي ماءَ مُياسِ،
آيَمِ اَنڌي لوڪَ سين، مُٺِي آئُون مُٺياسِ،
پِئُمِ وِچُ وِصالَ ۾، سَنجهي آئُون سُتِياس،
پييمِ پُنهونءَ ڄامَ سين، ڪُٺِيءَ آئُون ڪُٺِياسِ،
اَلا اُنِ مَ وِسَران، ڏِٺي جَنِ جياسِ،
پاڻُ وِڃايُمِ پيرَ تي، ڇُٽِي آئُون ڇُٽِياسِ،
پييَسِ وَرِ وِصال جي، جانڪِيتان جِياسِ.
[ سُر حسيني، وايون، 9 ]

جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجهائِين ڳُجَهہ ۾،
سو جو سُڻِين ڪَڏِھِين، ڪِيرَتِ وارا ڪي،
تَہ سازَ مِڙيئِي سي، پِٿُون ڪَنِ پَلڪَ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 24 ]
سو جو سُڻِين ڪَڏِھِين، ڪِيرَتِ وارا ڪي،
تَہ سازَ مِڙيئِي سي، پِٿُون ڪَنِ پَلڪَ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 24 ]
اَکڙِيُون اوڙاھَ ۾، اُڀو تَڪي تارِ،
پِٿُون جو پاتارِ، ھَنجُ تَنھِين جو ھيرَئُون.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 3 ]
پِٿُون جو پاتارِ، ھَنجُ تَنھِين جو ھيرَئُون.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 3 ]
جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، اوھِيَرَ اُڏامَنِ،
پِٿُون جٖي پاتارَ جا، چيتاري چُڻَنِ،
ڪوھُ ڪَندا کي تَنِ، پاريڙِي پَھُ ڪَري.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 11 ]
پِٿُون جٖي پاتارَ جا، چيتاري چُڻَنِ،
ڪوھُ ڪَندا کي تَنِ، پاريڙِي پَھُ ڪَري.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 11 ]
ھَنجَ سَدائِين ڏُٻِرا، پَکِي ٻِئا مَچَنِ،
مارِيءَ سَندو مَنَ ۾، آھي وِرھُ ويچارَنِ،
ڪَنبَنِ ۽ ڪَڍَنِ، پِٿُون جٖي پاتارَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 14 ]
مارِيءَ سَندو مَنَ ۾، آھي وِرھُ ويچارَنِ،
ڪَنبَنِ ۽ ڪَڍَنِ، پِٿُون جٖي پاتارَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 14 ]
English Meaning
Pieces, torn or broken to atoms.