پِئو جي سنڌي معنيٰ
پِيو، ٿيو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To be, happen
پِئو جا بيتن ۾ حوالا
سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، پِئو ڀِتِيُنِ ۾ ڀَنگُ،
اُٻاٽِجِي اَڄُ وِئو، راڻا تو ريءَ رَنگُ،
ھِنيَين سين ھاڃو ٿِئو، پِئو اوسِيڙي اَنگُ،
مُون تَوِھِين سين سَڱُ، پُڇايو پُڇان پَھِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 13 ]
اُٻاٽِجِي اَڄُ وِئو، راڻا تو ريءَ رَنگُ،
ھِنيَين سين ھاڃو ٿِئو، پِئو اوسِيڙي اَنگُ،
مُون تَوِھِين سين سَڱُ، پُڇايو پُڇان پَھِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 13 ]
سوڍي سِرُ نِيو، ھِتِ ڪَرنگهَرُ سَکِڻُو،
راڻِي جِيءَ رِھاڻِ کي، پَچي تَنَ پِئو،
مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو،
پَسان ڪِينَ ٻِئو، تَنھِن ريءَ اَکَڙِيُنِ سين.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 16 ]
راڻِي جِيءَ رِھاڻِ کي، پَچي تَنَ پِئو،
مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو،
پَسان ڪِينَ ٻِئو، تَنھِن ريءَ اَکَڙِيُنِ سين.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 16 ]
سُورِيءَ سَڏُ ٿِئو، ڪا ھَلَندِي جيڏِيُون،
وَڃَڻُ تَنِ پِئو، نالو نِينھَن ڳِنَھَن جِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 3 ]
وَڃَڻُ تَنِ پِئو، نالو نِينھَن ڳِنَھَن جِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 3 ]
پِرِيَنِ پيڪانُ پَڇَندئو، ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري،
ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري،
جَو لَڳُمِ جِيءَ ذَري، تاڻِيان تِيرُ نَہ نِڪِري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 8 ]
ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري،
جَو لَڳُمِ جِيءَ ذَري، تاڻِيان تِيرُ نَہ نِڪِري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 8 ]
موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، سُرِي سَپُ پِئو،
قَضا ڪَمُ ڪِئو، ڪونِهي ڏوھُ ڪَلاڙَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 18 ]
قَضا ڪَمُ ڪِئو، ڪونِهي ڏوھُ ڪَلاڙَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 18 ]
وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو،
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
جَو مُون پَڙِهئو پاڻَ لَئي، سَبَقُ سابِقَ جو،
پھرِين سُڃاتُمَ پانھِنجي، نَفسَ جو نِھو،
جِتِ عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي رُوحَنِ روزُ ڪِئو،
وَرِي وَرَقُ پِئو، گَڏُيِمِ وَڍُ وِصالَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 13 ]
پھرِين سُڃاتُمَ پانھِنجي، نَفسَ جو نِھو،
جِتِ عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي رُوحَنِ روزُ ڪِئو،
وَرِي وَرَقُ پِئو، گَڏُيِمِ وَڍُ وِصالَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 13 ]
جانۡ جانۡ ناھِ ضَرُورُ، تانۡ تانۡ ناھِ طَبِيبُ ڪو،
جُسي سَرِئو سُورُ، تَہ ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 2 ]
جُسي سَرِئو سُورُ، تَہ ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 2 ]
صَبُرُ گهَڻو سَڦِرو، ٻِي جُڳائي ماٺِ،
پِئو لَتاڙجِ لَطِيفُ چئَي، چُرِجِ مَ اَڳِيان چاٺِ،
ڏُڄَڻَ پُونِ ڪاٺِ، سَڄَڻَ ٿِيَنِ سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 27 ]
پِئو لَتاڙجِ لَطِيفُ چئَي، چُرِجِ مَ اَڳِيان چاٺِ،
ڏُڄَڻَ پُونِ ڪاٺِ، سَڄَڻَ ٿِيَنِ سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 27 ]
مَيو اَڳَ مَيو، چانگو چِني نَہ ڪِئو،
ڌاتِ ڌَرَنِئان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو،
جو پَرَ مُلا پِئو، ناھِ نِھايَتَ تَنھِن سين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 18 ]
ڌاتِ ڌَرَنِئان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو،
جو پَرَ مُلا پِئو، ناھِ نِھايَتَ تَنھِن سين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 18 ]
English Meaning
To be, happen