پَچَڻَ جي سنڌي معنيٰ
باھ تي پڪو ٿيڻ. ترجڻ، سيڪجڻ. ڀُڄڻ. سَڙڻ، ٻَرڻ، کامڻ، جَلڻ. رسجڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To be cooked, to ripen, to come to a head a sore, fester. To digest, be digested. To be envious. To be embezzled.
پَچَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، اَچِي آڳِ اُجهاءِ،
پَچَڻَ گَهڻا پَچائِيا، تُون پَچَڻَ کي پَچاءِ،
واقُفُ ٿِي وِساءِ، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 2 ]
پَچَڻَ گَهڻا پَچائِيا، تُون پَچَڻَ کي پَچاءِ،
واقُفُ ٿِي وِساءِ، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 2 ]
ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پَچَڻَ ناھِ پَچارَ،
اَندَرِ ٿِي آھُون ڪَري، کاڻِي مَنجِهہ خُمارَ،
گِرِيي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻاروچَنِ ۾.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 3 ]