پيچِرو جي سنڌي معنيٰ
واٽَ، دڳُ، گَسُ، چارو، رَند. ماڻهن ۽ جانورن جي هلڻ سبب پيرن جي نشانن سان ٺهيل سنهي واٽ. پير.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A narrow path, foot path.
پيچِرو جا بيتن ۾ حوالا
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تان ڪِي تَرُ ھِنيان،
اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏِھاڙِي ڏِيان،
مُون کي ميھارَ مِيان، سَنئُون سُونھايو پيچِرو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 24 ]
اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏِھاڙِي ڏِيان،
مُون کي ميھارَ مِيان، سَنئُون سُونھايو پيچِرو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 24 ]
گهيڙُ لَنگِهئو گَهاري، ميثاقا ميھارَ ڏي،
اَلَستُ بِرَبِڪُم قالُو بَلیٰ پَرِ اِھائِي پاري،
ڏِسِئو ڏيکاري، پِرتِ پِريان جو پيچِرو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 3 ]
اَلَستُ بِرَبِڪُم قالُو بَلیٰ پَرِ اِھائِي پاري،
ڏِسِئو ڏيکاري، پِرتِ پِريان جو پيچِرو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 3 ]
آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين،
سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان،
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ ھِنيان،
اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏيھاڻِئُون ڏِيان،
مَٿان ماڻِڪَ ھيڪَڙي، اَمُلَ اَٺَ ڏِيان،
ساھَڙَ مَٿان صَدِقو، ڏَھَ ڏَمَ ڏِيان،
اَچين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي تَہ، جانِبَ نِتُ جِيئان.
[ سُر سھڻي، وايون، 15 ]

ھُيَسِ مَجِهہ اَمُنَ، عِشقَ اُٿارِيَس اوچِتي،
ڌَراڙَڪي ڌُنَ، سَنئُون سُونھايُمِ پيچِرو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 27 ]
ڌَراڙَڪي ڌُنَ، سَنئُون سُونھايُمِ پيچِرو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 27 ]
ڪِي وارِي ڪِي واٽَ، ڪِي پاھَڻُ ڪِي پيچِرو،
ھَلِي ھاڙِھي سامُھِين، لَڳِيَسِ اُڃَ اُساٽَ،
ڳوڙَھَنِ ڀَري ڳاٽَ، اَپَرِ آلاپُون ڪَري.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 22 ]
ھَلِي ھاڙِھي سامُھِين، لَڳِيَسِ اُڃَ اُساٽَ،
ڳوڙَھَنِ ڀَري ڳاٽَ، اَپَرِ آلاپُون ڪَري.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 22 ]
ھِيءَ گِسِي ھِيءُ گَسُ، ھِيءُ پَھَڻُ ھِيءُ پيچِرو،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
ويچارِيءَ وَڏو ڪِئو، ويندَنِ پُٺِيان وَسُ،
جَڳَ ۾ رَھِيُسِ جَسُ، سَڳَرِ ٿِي سَردارَ جي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 25 ]
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
ويچارِيءَ وَڏو ڪِئو، ويندَنِ پُٺِيان وَسُ،
جَڳَ ۾ رَھِيُسِ جَسُ، سَڳَرِ ٿِي سَردارَ جي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 25 ]
لاڳاپا لاھِ، لَحظي ۾ لَطِيفُ چئَي،
تِھان پوءِ پُڇاءِ، پِريان سَندو پيچِرو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 12 ]
تِھان پوءِ پُڇاءِ، پِريان سَندو پيچِرو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 12 ]
ڏُونگَرَ ڏِجو ڏَسُ، مِيآن ڪو پيچِرو پُنَهَلَ جو،
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، سَندو گنگِنَ گَسُ،
صُبوحَ ساڻُ سَيِّدُ چئَي، واڳَ نَہ ڏِجي وَسُ.
[ سُر ديسي، وايون، 16 ]
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، سَندو گنگِنَ گَسُ،
صُبوحَ ساڻُ سَيِّدُ چئَي، واڳَ نَہ ڏِجي وَسُ.
[ سُر ديسي، وايون، 16 ]
English Meaning
A narrow path, foot path.