ٻَرو جي سنڌي معنيٰ
تَپُ، بخار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fever.
ٻَرو جا بيتن ۾ حوالا
جِيئَن سو تَئِئَ تَرو، کامي کُوري وِچَ ۾،
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، مَنجهان سِڪَ سَرو،
وَرُ جِهيڻو ٻَرو، مَ ڦوڙائو سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 6 ]
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، مَنجهان سِڪَ سَرو،
وَرُ جِهيڻو ٻَرو، مَ ڦوڙائو سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 6 ]
تَپُ تَڙِئائِين، سَمُنڊِ وِڌائِين، نِئائِين مَرِضُ مُؤمِنَنِ تان،
دَردُ پاڻَ دَردَ ۾، ٻَرو ٻُڏو ٻاجَهہ ڪِئائِين،
اَگها سَڀَ سَگها ٿِئا، ڏُکندو ڏُورِ نِئائِين،
گِروھَ گودَڙِيَنِ جي، سِلڪَ صِحَتَ ڏِنائِين،
ميڙي مُرِيدَ پانھِنجا، رَحمَتَ هيٺِ رَکئائِين.
[ سُر مارئي، وايون، 23 ]