وِرُونھَن جي سنڌي معنيٰ
صحبت، رهاڻ. حال اورڻ. وندر. خوشي. آنس. وائي، پچار، دل خوش، محبت سڪ، ڇڪ، ڪشش، جذبو، يادگيري. پرڀاءُ، دل لڳي. مشغولي. قرب ونڊڻ. ڳجهہ، راز. وڇوڙو، جدائي، فرقت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The taking amusement by pleasant talk etc.
وِرُونھَن جا بيتن ۾ حوالا
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، ويئِي سَسُئِيءَ جِي سُونھَن،
خَلقَ اللهُ آدمَ عَلیٰ صُورَتِه ، وَڻَنِ مَنجِهہ وِرُونھَن،
چَرِيءَ مَنجهان چُونھَن، کَڻِي ھوتُ ھَنۡجَ ڪِئو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 6 ]
خَلقَ اللهُ آدمَ عَلیٰ صُورَتِه ، وَڻَنِ مَنجِهہ وِرُونھَن،
چَرِيءَ مَنجهان چُونھَن، کَڻِي ھوتُ ھَنۡجَ ڪِئو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 6 ]
ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونھَن، گهورِيا سُکَ ڏُکَنِ ري،
جَنِي جِيءَ وِرُونھَن، سَڄَڻُ آيو مان ڳَري.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 13 ]
جَنِي جِيءَ وِرُونھَن، سَڄَڻُ آيو مان ڳَري.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 13 ]
رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، سوڍو سَڀَنِي سُونھَن،
لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان، دِلِيَن دُونھَن،
ڪانِهي ٻِي وِرُونھَن، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 12 ]
لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان، دِلِيَن دُونھَن،
ڪانِهي ٻِي وِرُونھَن، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 12 ]
ڪَلَپَتِي آيا ڙِي ماءَ، آئُون ھَلَندِي اُنِ سين،
حِرصَ ھَوا جِيءَ جَنِ جا، سُکين تان نَہ سَڌايا،
تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِئا، جٖي ايھِيءَ وِرُونھَن وَڌايا،
توشَڪُون ۽ تَڪِيا، وِھاڻا جَنِ وِرايا،
ھَلو تَہ پَسُون اُنِ کي، جَنِ لُنگَ لاھُوتِيَنِ لايا،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اَڱَڻِ مُون آئِيا.
[ سُر رامڪلي، وايون، 3 ]

ڏائي چَڙِهي ڏارَ تي، ڪِي جَو ڪانگَ ڪَھِيو،
سُوريتيءَ سُورِ پَئِي، پَھو پَٽِ ھَنيو،
کامِي اَرِٽُ کَنيو، ويچارِيءَ وِرُونھَن مان.
[ سُر پورب، ڪانگ، 16 ]
سُوريتيءَ سُورِ پَئِي، پَھو پَٽِ ھَنيو،
کامِي اَرِٽُ کَنيو، ويچارِيءَ وِرُونھَن مان.
[ سُر پورب، ڪانگ، 16 ]
English Meaning
The taking amusement by pleasant talk etc.