وَھِيڻِي جي سنڌي معنيٰ
تابع، اختيار، محتاج، هٿ وس، قابو ۾، اَڌين، ماتحت، تليدي، ڪاڻياري، ٻئي جي آڌار يا آسري تي، ٽيڪ تي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Submissive, subject, bound to.
وَھِيڻِي جا بيتن ۾ حوالا
ٽانڊين ڪانڊين ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽيئي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 3 ]
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽيئي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 3 ]
سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي،
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ سيئِي،
پُنهونءَ پيڪانَ پَڇَنڊِئا، ٻِلَنِ تان ٻيئِي،
ويڄَنَئُون ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 7 ]
پُنهونءَ پيڪانَ پَڇَنڊِئا، ٻِلَنِ تان ٻيئِي،
ويڄَنَئُون ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 7 ]
جيڏِيُون آئُون ڪا پاڻَ وَھِيڻِي آھِيان، ڪا مُون سارَ لَھِيجا،
جيڏانھَن ھَلائِينِمِ سُپِرِين، پيرَ اوڏاھِين پايان،
قَلَمُ ڪاتِبَ ھَٿَ ۾، آئُون ڪا لِکِئي مان لِکَ لاھيان،
واڳَ ڌَڻِيَنِ ھَٿَ ۾، ڪيڏانھَن ڪَرَھَلُ ڪاھِيان.
سَدا سُپَيرِيَن لَئي ويٺِي ڪانگَ اُڏائِيان،
اِيندا عَبدِالْلَطِيفَ چئَي، آسَ اُميدَ نَہ لاھِيان.
[ سُر آسا، وايون، 4 ]