وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا جي سنڌي معنيٰ
قران مجيد جي سورہ الالنسان جي ھيءَ آيت نمبر ايڪويھين آھي جنھن ۾ اھو ٻڌايل آھي تہ: ”قيامت جي ڏينھن رب پاڻ شراب پيئاريندو.“
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
This is verse of Holy Quran in Soorah "Al-Insan" verse no: 21. Where it is stated that: "Their Lord will give them a pure beverage to drink."
وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا جا بيتن ۾ حوالا
سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ،
سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ،
اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ،
سَتَ سُکاڻِيُون سَنباھِ تُون، ڇَھَ ڇَڄَھِرِيُون اَڏيجِ،
سَٽِ ساري سَيِّدُ چئَي، پُوري پُڄائيجِ،
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پَرُوڙيجِ،
وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، پاڻِي پاڪُ پِيئيجِ،
جَنھِن کي سِڪي سَڀَڪو، پِرِين سو پَسيجِ،
لُڙَ ۾ ڪِيمَ لُڏيجِ، سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 1 ]

زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، مارُو مُون مَھِندارُ،
أُولَئِڪَ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ ، ماڳَ سَندَنِ موچارَ،
وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، ٿا پِيَنِ پوڄَ پَنوَهارَ
ويروتارِ وُجُودَ ۾، پِرِيَنِ جِي پَچارَ،
سَٻاجها سَتارَ، مُون کي مارُنِ ميڙِيين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 12 ]
أُولَئِڪَ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ ، ماڳَ سَندَنِ موچارَ،
وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، ٿا پِيَنِ پوڄَ پَنوَهارَ
ويروتارِ وُجُودَ ۾، پِرِيَنِ جِي پَچارَ،
سَٻاجها سَتارَ، مُون کي مارُنِ ميڙِيين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 12 ]
English Meaning
This is verse of Holy Quran in Soorah "Al-Insan" verse no: 21. Where it is stated that: "Their Lord will give them a pure beverage to drink."
وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ٻول جا زمرا